Book Name:Ilm Deen K Fazail

پنهنجي ضرورت مطابق عِلمِ دِين سکڻ گھرجي۔ علم دين حاصل ڪرڻ جا ڪيئي ذريعا آهن مثال طور (۱) جامعة المدينه ۾ داخلا وٺي باقاعده طور تي علمِ دين حاصل ڪرڻ (۲) عالم سڳورن جي صحبت اختيار ڪرڻ (۳) مڪتبة المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو مُطالعو ڪرڻ (۴) عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ (۵) سو فيصدي اسلامڪ چينل مدني چينل جا معلومات سان ڀرپور سلسلا ڏسڻ ۽ (۶) 12 مدني ڪم خاص ڪري هفتيوار مدني مذاڪري ۾ اوّل کان آخر شريڪ ٿيڻ۔ جيڪڏهن اسان انهن مان جيترا وڌيڪ ذريعا اپڻائينداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ايتري قَدَر اسان جي معلومات ۽ علمِ دِين ۾ اِضافو ٿيندو ويندو۔ پر ياد رهي! صرف علم سکڻ ئي ڪافي نه آهي بلڪ علم حاصل ڪرڻ جي ادبن مان هڪ ادب اهو به آهي ته جيڪو علم سکيو ان مان فائدو به کنيو وڃي ۽ علم مان نفعو کڻڻ هي آهي ته ان علم تي عمل ڪيو وڃي ڇوته هي علم ۾ اضافي جو سبب آهي جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي:
مَنْ عَمِلَ بِمَا عَلِمَ وَرَثَه الله عِلْمَ مَا لَمْ يعْلَمْ جنهن پنهنجي علم تي عمل ڪيو ته اللہ  پاڪ ان کي اهڙو علم عطا ڪندو جيڪو هو اڳ ۾ نه ڄاڻندو هو۔

 (حليۃ الاولياء ، احمد بن ابي الحواري ،۱۰/۱۳، حديث: ۱۴۳۲۰)

اَحکامِ شرع پر مجھے دے دے عمل کا شوق                     پیکر خُلوص کا بنا یاربّ مصطفٰے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

علم تي عمل جي ضرورت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! علم حاصل ڪرڻ کان بعد ان تي عمل ڪرڻ به بيحد ضروري آهي۔ صرف علم جي حصول ئي کي سڀ ڪجھ سمجھڻ ۽ عمل ڏانهن رغبت نه ڪرڻ هلاڪت جو سبب آهي۔ حضرت سيدنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي هڪ عزيز شاگرد کي نصيحت ڪندي ارشاد فرمائن ٿا:

اي اکين جا ٺار! نيڪ عملن ۽ باطني ڪمال کان خالي نه رهجان (بلڪ ظاهر ۽ باطن کي سهڻن اخلاقن سان سينگارجان) ۽ يقين رک ته (عمل کان سواءِ) رڳو