Book Name:Ilm Deen K Fazail

گمراهي جي عميق (گهري) کڏ ۾ اڇلائيندو آهي ۽ ڪهڙا اهڙا فعل آهن جن کي ڪرڻ سان انسان اسلام جي دائري کان ٻاهر ٿي ويندو آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته اسان کي هنن عقيدن جي ڪيتري معلومات حاصل آهي؟ اسان مان ڪيترن ماڻهن هنن عقيدن Trends)) جي باري ۾ دِيني ڪتابن جو مطالعو ڪيو؟ يا ڪنهن سُني عالم صاحب وٽ وڃي اهو علم سکڻ جي ڪوشش ڪئي؟ اسان جي معاشري ۾ کوڙ اهڙا نادان به آهن جيڪي پنهنجي لاعلمي جي ڪري اللہ  ڪريم جي ذات تي اعتراض ڪندا آهن، کِل ڀوڳ ۾ ملائڪن، جنَّت و دوزخ جي باري ۾ توهين سان ڀريل جملا بڪي ويندا آهن ۽ اهڙي طرح پنهنجي ايمان کي ضايع ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي خبر تائين ناهي هوندي۔ هن باري ۾ گھڻي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ، اميراهلسنت، باني دعوتِ اسلامي جي ڪتاب
”ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب“ جو مُطالَعو بيحد مفيد آهي۔ هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪريو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ
www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي ڊاؤن لوڊ Download) ) ڪري پڙھي وٺو۔

عبادات جو علم:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح عبادتون ڪرڻ کان پهريان به هن باري ۾ علم هئڻ ضروري آهي۔ اسان مان ڪيئي ماڻهو اهڙا به هوندا جيڪي ڪيئي سالن کان نمازون پڙھي رهيا هوندا، پر ٿي سگھي ٿو ته انهن کي نماز جا فرض ۽ شرط معلوم نه هجن، ڪو نماز جي واجبات کان ناواقف هوندو، ڪنهن جي قراءت درست نه هوندي ته ڪنهن کي سجدو ڪرڻ جو درست طريقو معلوم نه هوندو۔ اهو ئي حال روزو رکڻ وارن جو آهي ته عرصي کان هر سال رمضان جا روزا رکن ٿا ۽ هڪ روزو به ڇڏڻ پسند نٿا ڪن پر ڇا اسان کي اهو معلوم آهي ته روزو ڪهڙين شين کان ٽُٽي پوندو آهي؟ اهي ڪهڙا ڪم آهن جن سان روزي جو ڪفارو لازم ايندو آهي يا قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب