Book Name:Ilm Deen K Fazail

جيڪو 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم به آهي۔ ڪثير اسلامي ڀائر مَدَني مُذاڪرن ۾ عقائد و اَعمال، فضائِل و مَنَاقِب، شريعت و طريقت، تاريخ وسيرت، سائنس وطِبّ، اَخلاقيات ۽ اِسلامي معلومات، معاشي، سماجي، تنظيمي معاملن ۽ ٻين ڪافي موضوعن جي باري ۾ مختلف قسم جا سوال ڪندا آهن ۽ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي حڪمت ڀريا ۽ عشقِ رسول سان ڀريل جوابن سان نوازيندا آهن۔ هن مدني ڪم جا بيشُمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن، ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذِهن ملندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات (Islamic Information) سان گڏوگڏ اَخلاقي ۽ تنظيمي تربيت به نصيب ٿيندي آهي۔ اچو! تَرغِيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي نِيت ڪريو۔

فيشن جو شوقين سُڌري ويو

ليه شهر (پنجاب، پاڪستان) جو رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ سنّتن کان پري فيشن جي نشي ۾ مست هو، نئين فيشن وارو لباس پائڻ، فضوليات ۽ لغويات ۾ پنهنجو قيمتي وقت ضائع ڪرڻ انهن جو معمول هو۔ ذڪرِ الٰهي کان بلڪل غافل ٿي چڪو هو، نيڪين واري زندگي گذارڻ جو ذهن ڪجھ هن طرح ٿيو جو هڪ ڀيري ان کي”مدني مذاڪرو“ ٻڌڻ جي سعادت ملي، هن جي برڪت سان ان جي زندگي جو رخ ئي بدلجي ويو۔ اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عام فهم انداز ۾ بيان ڪيون ويندڙ کوڙ معلومات جو ”انمول خزانو“ لُٽڻ جو سنهري موقعو مليو، خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ جي روشنيءَ سان ان جي تاريڪ دل روشن ٿي وئي، اڳوڻي زندگي تي شرمساري ٿيڻ لڳي، لهٰذا ان باقي زندگي کي غنيمت سمجھندي فيشن (Fashion) جي نُحُوست کان جان ڇڏائي ۽ سنّتن تي عمل ڪرڻ ۽ نمازن جي پابندي جو پڪو عزم ڪيائين جلد ئي مٿي تي سبز سبز عمامه شريف سجائي ورتو، ڏاڙھي شريف سان چهرو