Book Name:Ilm Deen K Fazail

ٿي وينديون، مان قرض ۾ وڪوڙجي چڪو آهيان ان ڪري ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان ته جيئن قرض لاهي سگھان وغيره وغيره ڳالهين سان گھر وارن کي به راضي ڪندا آهيون۔ افسوس صد افسوس! اسان مال دولت ڪمائڻ جي لاءِ ته سُهڻا خواب ڏسندا آهيون، دولت وڌائڻ جا نوان نوان حيلا به سوچندا آهيون ۽ رات ڏينهن مال جي ڄار ۾ ڦاسي سفر ڪرڻ جي لاءِ بيقرار ۽ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ جي لاءِ تيار رهون ٿا پر علم ِدِين سکڻ جي لاءِ مسجد درس ۾ ڪجھ منٽ ويهڻ جي لاءِ اسان وٽ وقت نه آهي، هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ حاضري جي فرصت ناهي، گھر ۾ آساني سان مدني چينل جي ذريعي معلومات جو کوڙ خزانو گڏ ڪرڻ لاءِ اسان جي دل ناهي چاهيندي ۽ راھ خدا ۾ 3 ڏينهن مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ گھر وارن کان جُدائي اسان کان برداشت ناهي ٿيندي۔ جڏهن ته جيڪي ماڻهو علمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ راه خدا ۾ سفر ڪن ٿا اهي وڏا سعادت مند آهن جيئن ته

حضرتِ سَيدُنَا ابُودَرْدَاء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو ته جيڪو علم جي ڳولا ۾ ڪنهن رستي تي هلي ٿو ته الله تعاليٰ اُن جي لاءِ جنّت جو رستو آسان فرمائي ڇڏي ٿو ۽ بيشڪ ملائڪ طالبِ علم جي عمل کان خوش ٿي ان جي لاءِ پنهنجا پر وڇائين ٿا، ۽ بيشڪ زمين ۽ آسمان ۾ رهڻ وارا ايستائين جو پاڻي ۾ مڇيون عالمِ دين جي لاءِ اِسۡتِغفار ڪن ٿيون. (ابن ماجه ، ڪتاب السنۃ ،۱/۱۴۵، حديث:۲۲۳ )

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني مذاڪرو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميرِاهلسُنَّت،باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه علم بيشُمار خزانن جو مجموعو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سُوال آهي۔ جي قول کي عملي جامو پارائيندي مدني مذاڪري جوسِلسله شُروع ڪيو