Book Name:Ilm Deen K Fazail

ٿيندا آهن؟ اهڙي طرح جن خوش نصيبن کي حج جي سعادت نصيب ٿيندي آهي ته ڇا انهن کي حج جا مسئلا، عمرو ڪرڻو آهي ته عمري جا مسئلا معلوم هوندا آهن؟ بعض نادان اهڙا به آهن جيڪي حج جي معلومات حاصل ڪرڻ بدران ائين چوندا آهن ته بس حج جي لاءِ هليا وڃو، اتي جيڪي سڀ ماڻهو ڪري رهيا هوندا انهن کي ڏسي ڪري اسان به ڪري وٺنداسين۔ ٿورو غور ڪريو! ايترو پيسو خرچ ڪرڻ، ملڪ ۽ گھر ٻار ٻچن کان پري رهڻ کان پوءِ به جيڪڏهن اسان جو فرض حج ادا نه ٿئي ته پوءِ هنن سڀ قربانين جو ڪهڙو فائدو؟ تنهنڪري نماز روزي ۽ حج وعمره جي باري ۾ مفيد معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي هنن ڪتابن ”نماز جا احڪام“ ”فيضانِ رمضان“ ۽ ”رفيق الحرمين“ جو مطالعو ڪريو۔ يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي ڊاؤن لوڊ Download)) ڪري پڙھي وٺو۔

زڪوٰة جو علم:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي طرح زڪوٰة به دِينِ اسلام جو هڪ اَهم رُڪن Pillar)) آهي جيڪا صاحبِ نصاب شخص تي فرض ٿيندي آهي۔ پر اسان مان ڪيترا اهڙا هوندا جن کي صاحبِ نصاب جو مفهوم به معلوم نه هوندو، زڪوٰۃ ڪڏهن فرض ٿيندي آهي، ڪيتري مال تي ڪيتري زڪوٰۃ ٿيندي آهي، زڪوٰۃ جا اصل حقدار ڪير آهن ۽ ان جي علاوه به زڪوٰۃ جي باري ۾ ڪيئي مسئلن کان اسان جي اڪثريت لاعلم هوندي آهي جنهن جي ڪري شرعي طور تي جيتري زڪوٰة ٿيندي آهي اها پوري ادا نٿا ڪن ۽ گنهگار ٿيندا آهن۔ زڪوٰة جا مسئلا سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا ٻه (2) ڪتاب ”فيضانِ زڪوٰة“ ۽ ” فتاوي اهلسنت احڪامِ زڪوٰة“ جو مطالعو ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عِلم حاصل ڪرڻ جا ذريعا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اها ڳالھ ذهن نشين رهڻ گھرجي ته هر هڪ کي