Book Name:Ilm Deen K Fazail

عالمن جي مجلسن کي هدايت جو سبب فرمايو، عالمن جي ڪثرت کي باعثِ خير ۽ عالمن جي قِلت کي جهالت جو سبب قرار ڏنو۔ (علم ۽ علماء ،ص۹۹بتغير)

علم ئي سان خوف ِخدا پيدا ٿيندو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته عالم سڳورن جو وجود دِين ۽ دنيا جي سعادتن ۽ بي شمار خوبين جو جامع آهي۔ ياد رکو! علمِ دِين جي فائدن مان هڪ فائدو خوفِ خدا جو حصول به آهي جيئن ته تفسير صراطُ الجنان جلد 8 صفحي 198 تي آهي ته خوف ۽ خَشيت جو مدار ڊڄڻ واري جي علم ۽ ان جي معرفت تي آهي ۽ جيئن ته مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ اللہ  پاڪ جي صفتن جي معرفت ۽ اللہ  پاڪ جي ذات جي باري ۾ علم حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي آهي، ان ڪري پاڻ ئي مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ اللہ  تعاليٰ کان ڊڄن ٿا۔ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم جي حديث ۾ آهيرحمت عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو ”اللہ  پاڪ جو قسم! مان اللہ  تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيان ۽ سڀ کان وڌيڪ ان جو خوف رکندڙ آهيان۔ (بخاري، ڪتاب الادب، باب من لم يواجه الناس بالعتاب، ۴/۱۲۷، الحديث: ۶۱۰۱، مسلم، ڪتاب الفضائل، باب علمه صلي اللّٰه عليه وسلم باللّٰه تعالي وشدّۃ خشيته، ص۱۲۸۱، الحديث: ۱۲۷(۲۳۵۶)) (لهٰذا) ماڻهن کي گھرجي ته وڌ کان وڌ اللہ  تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جي صحيح طريقي سان معرفت ۽ علم حاصل ڪن ته جيئن انهن جي دلين ۾ اللہ  تعاليٰ جو خوف گھڻو ٿئي۔     (صراط الجنان ، ۸/۱۹۸)

مِرے اَشک بہتے رہیں کاش ہر دم     تِرے خوف سے یاخدا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جيڪو علم رکي ٿو ان کي ٻين جي مقابلي ۾ اللہ  پاڪ جو خوف به گھڻو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته علم هڪ اهڙي صفت (Attribute)آهي جيڪا انسان کي اللہ  پاڪ جي رِضا جي مطابق زندگي