Book Name:Ilm Deen K Fazail

تيار نه هجي، اهو ڪم ڪيترو ئي آسان ڇو نه هجي، مشڪل لڳندو آهي، پر جڏهن ان ڪم کي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ ڪوشش به ڪئي وڃي ته مشڪل کان مشڪل ڪم به آسان ٿي ويندو۔

 علم دِين جون فضيلتون، فائدا ۽ بُزرگانِ دِين جي شوقِ علم ۽ حُصولِ علم جا واقعا ٻڌي اسان ۾ به علم جو شوق پيدا ٿيو هوندو تنهنڪري دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ هن جذبي کي عملي جامو پارائيندي علم دِين سکڻ ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي۔ ياد رکو! جهڙي طرح کائڻ پيئڻ اسان جي جسم جي غذا (Diet) آهي، اهڙي طرح علم اسان جي دل جي غذا آهي، جيڪڏهن جسم کي کاڌو نه ڏنو وڃي ته هو ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ مسلسل ڪئي ڏينهن تائين بکايل رهڻ جي ڪري موت به ٿي سگھي ٿو، اهڙي طرح علم دل جي غذا آهي جيڪڏهن دل کي علم جي نور سان منور نه رکيو وڃي ته اها به مُرده ٿي ويندي آهي، جيئن ته

دل جي غذا علم ۽ حڪمت آهي

 هڪ ڀيري حضرت سيدُنا فتح مُوصليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه حاضرين کان پڇيائون: جڏهن مريض کي کائڻ پيئڻ ۽ دواء کان روڪيو وڃي ته ڇا اهو مري ناهي ويندو؟ ماڻهن عرض ڪيو: جي ها۔ ته پاڻ فرمايائون: اهو ئي معاملو دل جو آهي جڏهن ان کي 3 ڏينهن تائين علم ۽ حڪمت کان روڪيو وڃي ته اها به مري ويندي آهي۔

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا فتح مُوصلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيه جن سچ فرمايو ڇوته دل جي غذا علم و حڪمت آهي ۽ هنن ٻنهي سان دل زنده رهندي آهي جيئن جسم جي غذا کائڻ پيئڻ آهي، جنهن علم کي نه حاصل ڪيو ان جي دل بيمار آهي ۽ ان جو موت يقيني آهي پر ان کي هن ڳالھ جو شعور ناهي هوندو ڇوته دنيا ۾ مشغوليت ان جي احساس کي ختم ڪندي