Book Name:Ilm Deen K Fazail

ڪريون ٿا، ڪاروباري ترقي ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ تائين جو سفر ڪيون ٿا، جڏهن ته علم دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه ته اسان وٽ وقت آهي ۽ نه ئي علم دِين حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو اسان وٽ ڪو حل موجود آهي۔

علم دِين سکڻ جي لاءِ سفر ڪرڻ بزرگانِ دِين جو طريقو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر ڪرڻ اسان جي بُزرگانِ دِين جو طريقو آهي، اهي ڪيئي ڪيئي ڏينهن ۽ مهينن جو سفر اٺن، گھوڙن تي يا پيدل ڪري وڏي محنت ۽ چاھ سان علم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اڄ اسان وٽ جديد دور جون سهولتون (Facility) موجود آهن، سفر جي لاءِ گاڏيون موجود آهن جن جي ذريعي مهينن جو سفر ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن جو سفر ڪلاڪن ۾ ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿي ويندو آهي، ان جي باوجود به اسان ۾ علم جو شوق پيدا ناهي ٿيندو۔ اُن دور جو سفر گھڻو ڏکيو هوندو هو ڪن وٽ ته سفر جو سامان به نه هوندو هو ۽ اهي بُک اُڃ ۽ گرمي جي شدت ۽ سفر جي مشقت کي برداشت ڪندي وڏي شوق سان سفر ڪرڻ وارا هئا پر افسوس! هن زماني ۾ سفر گھڻو آسان ٿي چڪو آهي پوءِ به اسان ۾ علم سکڻ جو جذبو ختم ٿيندو پيو وڃي۔ ها! دنيا جي لاءِ هن آساني مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو آهي۔ دولت ڪمائڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ هزارين مِيلن جو سفر طئي ڪري هڪ شهر کان ٻي شهر بلڪ ٻاهرين ملڪ وڃڻ به برداشت ڪيو ويندو آهي۔ ڪنهن کي 3 ڏينهن جي لاءِ مدني قافلي جي دعوت پيش ڪئي وڃي ته ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ گھروارن جي ياد ايندي آهي پر مال ڪمائڻ جي لاءِ انهن سڀني جي جدائي به برداشت ٿي ويندي آهي بلڪ جيڪڏهن گھر وارا منع ڪن ته انهن کي هن طرح قائل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا آهن ته مان اوهان جي مستقبل (Future) جي لاءِ ئي اهو سڀ ڪجھ ڪري رهيو آهيان، بس ڪجھ سالن ئي جي ته ڳالھ آهي، اسان جون معاشي حالتون بهتر