Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

مرحبا صَد مرحبا! پھر آمدِ رَمَضان ہے      کِھل اُٹھے مُرجھائے دل تازہ ہُوا اِیمان ہے

یاخُدا ہم عاصیوں پر یہ بڑا اِحْسان ہے       زندگی میں پھر عطا ہم کو کِیا رَمَضان ہے

اَبْرِ رَحمت چھا گیا ہے اور سَماں ہے نُور نُور          فَضْلِ رَبّ سے مَغْفِرت کا ہوگیا سامان ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۰۵)

رمضاں کی آمد مرحبا--- سحری کی آمد مرحبا--- اِفطارکی آمدمرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حڪايت مان اسان کي ڪيئي مَدَني گل حاصل ٿيا، مثال طور سچّا مسلمان سَخي ٿيندا آهن، سچّا مسلمان اِيثار ڪندڙ هوندا آهن۔ سچّا مسلمان ڏُک تڪليف ۾ ورتل مسلمانن جي مشڪل وقت ۾ ڪم ايندا آهن، سچّا مسلمان پنهنجي مشڪلاتن جي ذري برابر پروا نه ڪندا آهن۔ پر افسوس! هاڻي اسان جون دليون مسلمانن جي خير خواهي جي جذبي کان خالي ٿينديون پيون وڃن، اسان پاڻ ته سٺو کائون، ڪمايون، سٺو پايون ۽ عاليشان زندگي گذاريندا آهيون، ماهه رمضان ۾سحري ۽ اِفطاري ۾ به قسم قسم جي نعمتن مان لُطف اندوز ٿيندا آهيون پر هاءِ! غريب ۽ نادار رشتيدارن، پاڙيسرين ۽ ٻين مسلمانن جي خير خواهي ڪرڻ هاڻي اسان ڪنهن وساريندڙ شيءَ جيان وساري چڪا آهيون۔ بهرحال اسان کي گھرجي ته اسان هنن پاڪ هستين جي نقشِ قدم تي هلندي رَمَضان ۽ غيرِ رَمَضان ۾ عَمَلي طور تي مسلمانن جا خَير خواه بڻجي انهن جي ڪم اچڻ وارا بڻجي وڃون۔ مسلمانن کي اِفطاري ڪرائڻ ۽ اُنهن کي پاڻي پيئارڻ به خَير خَواهي جي هڪ صورت آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَمَضان ۾ اِفطار ڪرائڻ ۽ پاڻي پيئارڻ جي فضيلتن جي ڇا ڳالھ ڪجي، ٻڌو

اِفطار ڪرائڻ جون فضيلتون

نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جنهن حلال کاڌي يا پاڻيءَ سان (ڪنهن مسلمان کي) روزو افطار ڪرايو، ملائڪ ماههِ رمضان جي اوقات ۾ ان