Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

تي ڪشادو ٿي ويندو آهي، ان جي ڀلائي گهڻي ٿيندي آهي، ان ۾ ملائڪ حاضر ٿيندا آهن، ان گهر مان شيطان نڪري ويندا آهن. (احياء العلوم،1/826) قرآن ڪريم قيامت

 جي ڏينهن پنهنجي پڙهڻ وارن جي شفاعت ڪرڻ جي لاءِ ايندو. (مسلم، ڪتاب فضائل القرآن،ص403 حديث 804) تلاوت قرآن ڪرڻ وارن کي اللہ  پاڪ شڪر گزارن جي ثواب کان افضل عطا فرمائيندو. (ڪنزالعمال ج 1 ص273) اهلِ قرآن (يعني ان جي تلاوت ڪرڻ وارا ۽ ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ وارا) اللہ  وارا ۽ ان جا خاص ٻانها آهن. (ابن ماجه ج 1 ص 140) تلاوت قرآن هن امت جي افضل عبادت آهي. (شعب الايمان للبيهقي ج 2 ص 354) جيڪو نماز ۾ بيهي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر حرف جي بدلي 100 نيڪيون آهن. جيڪو ويهي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر حرف جي بدلي 50 نيڪيون آهن. جيڪو نماز کان پوءِ با وضو تلاوت ڪري ان جي لاءِ 25 نيڪيون آهن. (احياء العلوم ج 1 ، ص366) تلاوت قرآن دلين جي صفائي جو ذريعو آهي. (شعب الايمان، التاسع عشر من شعب الايمان..الخ فصل في ادمان تلاوتہ،2/352 حديث 2014) اللہ  ڪريم اسان کي تلاوت قرآن جو ذوق ۽ شوق نصيب فرمائي.  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

تجھ پہ صدقے جاؤں رَمَضاں! تُو عظیمُ الشّان ہے       تجھ میں نازِل حق تعالیٰ نے کیا قرآن ہے

کم ہُوا زورِ گُنہ اور مسجدیں آباد ہیں           ماہِ رَمَضَانُ المبارَک کا یہ سب فَیْضان ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

روزي جا ٽي (3) دَرَجا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! روزي جا ٽي درجا آهن: (1) عوام جو روزو (2) خواص جو روزو (3) اَخَصُّ الخَواص جو روزو۔ اچو! هاڻي هنن مان هر هڪ جي وضاحت مُلاحظه ڪريو:

(1) عوام جو روزو: روزي جي لغوي معنيٰ آهي: ”رڪجڻ“ شريعت جي اصطلاح ۾ صبح صادق کان وٺي سج لهڻ تائين ڄاڻي واڻي کائڻ پيئڻ ۽ جماع کان ”رُڪيل رهڻ“ کي روزو چئبو آهي ۽ اهو ئي عوام يعني عام ماڻهن جو روزو