Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

تي حرام لکيو آهي۔ جيئن ته فرمائن ٿا، گنجفہ (پتن جي ذريعي کيڏي ويندڙ هڪ راند ۽) تاس حرامِ مُطلق آهن جو انهن ۾ لهو و لَعِب کان علاوه تصويرن جي تعظيم آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۲۴/۱۴۱)

افضل عبادت ڪهڙي آهي؟

اي جنّت جا طلبگارو! رمضان المبارڪ جي مقدس گهڙين کي فضوليات ۽ بيهودگين ۾برباد ٿيڻ کان بچايو!زندگي تمام مختصر آهي انکي غنيمت سمجهو، تاس جي پَتن، موبائل ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال گهٽين ۾ سڄي سڄي رات ڪرڪٽ ۽ مختلف راندين  ۽ فلمي گانن جي ذريعي وقت پاس (بـلـڪ برباد) ڪرڻ بدران قرآن شريف جي تلاوت ۽ ذڪر و درود ۾ وقت گذارڻ جي ڪوشش فرمايو۔ بُک ۽ اڃ جي شدت جيتري قدر زياده محسوس ٿيندي، صبر ڪرڻ  تي
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ثواب به اوتري قدر وڌيڪ ملندو۔جيئن منقول آهي، اَفْضَلُ الْعِبَادَاتِ اَحْمَزُھَا“ يعني افضل عبادت اها آهي جنهن ۾ تڪليف گهڻي هجي۔                                                                                           (تفسير ڪبير،پ۲۹،المزمل،تحت الآية:۶،۱۰/۶۸۵) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رَمَضانُ المبارَڪ جي حقيقي بَرڪتن کي ماڻڻ ۽ فَيضانِ قرآن سان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته (Associated) ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي. ٭ چوڪ دَرس بي نمازين کي نمازي بڻائي ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي ويجھو ڪري ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان نيڪين ۾ رَغبَت پيدا ٿئي ٿي۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان عَلائقي (Area) ۾ مَدَني ڪمن جي ڌُوم مچي ويندي آهي۔ ٭ چوڪ دَرس نمازن جي پابندي جو ذِهن بڻائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون