Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

مُعامَلي ۾ به پنهنجن بزرگن جي پيروي ڪندي انهن جي نَقشِ قدم تي هلڻ گھرجي۔ ڪجهه حضرات هن مُقَدَّس مهيني ۾ هڪ ڀيرو نه بلڪ ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا ختمِ قرآن جي سعادت حاصِل ڪندا هئا، جيئن ته

سَيدُنا سعد بن ابراهيم زهري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جا معمولات

حضرت سيدُنا سعد زهري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه رمضان المبارڪ ۾ ايڪويهين (21)، ٽيويهين (23) پنجويهين (25)، ستاويهين (27)، اوڻٽيهين (29) جو ان وقت تائين افطار نه ڪندا جيستائين قرآنِ ڪريم ختم نه ڪري وٺندا هئا، مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ اُخروي معاملي ۾ غور وفڪر ڪندا هئا ۽ اڪثر افطار جي وقت مون کي مسڪينن کي سڏڻ جي لاءِ موڪليندا هئا ته جيئن اهي به انهن سان گڏ کائن۔ (حلية الاولياء ،سعد بن ابراهيم الزهري ، ۳/۱۹۹،رقم:۳۶۹۵)

فلموں سے ڈِراموں سے دے نفرت تُو اِلٰہی         بس شَوق مجھے نعت و تلاوت کا خُدا دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! قرآن سان محبت، ذوقِ تلاوت ۽ رمضان جو قدر ڪرڻ ته ڪو انهن اللہ  وارن کان سکي جيڪي ماهِ غُفران يعني بخشش جي مهيني ۾  ڪثرت سان تلاوتِ قرآن جا عادي هئا، اسان کي گھرجي ته رمضان ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن جي نيت ڪريون ۽ رب عَزَّوَجَلَّ جي هن مهمان جو احترام ڪندي خوشي خوشي هن جو استقبال ڪريون۔

تلاوتِ قرآن جا فضائل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! تلاوت قرآن جا ڪجهه فضائل ٻڌو ۽ جهومو، جيئن ته تلاوت ڪرڻ وارن جي تعريف ۽ توصيف قرآن ڪريم ۾ بيان ٿي آهي. (پ 1، البقرة، آيت 121) قرآن پاڪ سان محبت ڪرڻ (يعني ان جي تلاوت ۽ ان تي عمل ڪرڻ ) اللہ  پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت جو ذريعو آهي. (معجم الڪبير 9/132،حديث 9487). قرآنِ پاڪ جي هڪ حرف پڙهڻ تي 10 نيڪين جو ثواب ملندو آهي. جنهن گهر ۾ قرآن پڙهيو ويندو آهي اهو پنهنجي رهڻ وارن