Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

ڪم و بيش 104 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي رهي آهي،

 انهن مان هڪ شعبو ”مجلس ِاَئِمَّه مساجد“ به آهي، جيڪو مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ آئمَّه (امامن) ۽ مُؤذِّنن جي تَقرُّرِي جو ڪم سَراَنجام ڏيندي آهي ۽ انهن جي خَيرخَواهي ڪندي مناسب مُشاهرو (پگھار) به مُقَرَّر ڪندي آهي، ته جيئن هي اسلامي ڀائر مُعاشي پريشانين مان آزاد ٿي خُوب خُوب نيڪي جي دعوت عام ڪندا رهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته امام سڳورا، صداءِ مدينه، اِنفِرادي ڪوشش جي ذَريعي باجماعت نماز جي رَغبت، مَدَني درس، چوڪ درس، بعد نمازِ فَجر مَدني حلقي ۾ شِرڪت ۽ سُنَّتن جي تربِيت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني قافِلن جي بَرڪت سان مَسجدن کي آباد رکندا آهن۔ اللہ  پاڪ مجلس ائِمَّه مساجد کي مزيد بَرَڪتون نصيب فرمائي۔   اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

ہوجائیں مولا مسجدیں آباد سب کی سب                      سب کو نَمازی دے بنا یاربِّ مُصْطَفٰے

اَحکامِ شَرْع کا مجھے دے دے عمل کا شوق                        پیکر خُلُوص کا بَنا یاربِّ مُصْطَفٰے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شَعبَانُ المُعَظَّم جو بابَرڪت مهينو پنهنجي بَرڪتون لُٽائي رهيو آهي پوءِ رَمَضانُ المبارَڪ جي آمد ٿيندي۔ 10رَمَضانُ المبارَڪ تي اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها جو عُرس به آهي۔ اچو! هن مُناسَبَت سان حُصُولِ بَرَڪت ۽ نُزولِ رَحمت جي لاءِ اسان سندن مُختَصَر ذِڪرِ خَير ٻڌون ٿا، جيئن ته

سيِّدَھ خَديجَةُ الڪُبريٰ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها جو تعارف

اُمُّ المُؤمِنين حضرت سَيدَتُنا خَديجَةُ الڪبريٰ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها عامُ الفِيل کان 15 سال پهريان پيدا ٿيون۔ سندن نالو خديجه، والِد جو نالو خُوَيلِد ۽ امڙ جو نالو فاطمه آهي۔ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنۡها جي ڪنيت اُمُّ القَاسِم ۽ اُمِّ ھِند آهي۔ سندن رَضِى الله تَعَالٰى عَنۡها جا لقب طاهره ، سَيدَه ، صِدِّيقَه ۽ ”الڪُبريٰ“ آهن، پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنۡها جو هي