Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

پيرن جو گناھ هي آهي ته هنن سان اهڙين جڳهن تي وڃڻ جو جن کان اللہ  ڪريم منع ڪيو آهي، مثال طور اسان کي گھرجي ته اسان هر گز هرگز سينما

گھر ڏانهن نه وڃون، بُرن دوستن جي مجلسن ڏانهن نه هلون، شطرنج ،لُڊو، تاس، ڪرڪٽ، فٽ بال، وِڊيوگيمز، ٽيبل فٽ بال وغيره کيڏڻ يا ڏسڻ ڏانهن نه وڃون، ڪاش! پيرکڻون ته صِرف ۽ صِرف نيڪ ڪمن جي لاءِ کڻون، مثال طور پير هلن ته مسجدن، مزاراتِ اَوليا، عالمن ۽ نيڪن جي زِيارت، نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ هلن، سُنّتن ڀري اِجتماع ڏانهن هلن، سُنّتن جي تربيت جي مَدَني قافلن ۾ سفر(Travel) جي لاءِ هلن۔ اللہ  ڪريم اسان کي رَمَضان ۽ غيرِ رَمَضان ۾ پنهنجن عضوئن کي گناهن کان بچائڻ ۽ انهن جي ذريعي نيڪ ۽ جائز ڪم ڪرڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔   اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين      صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ                                              

رَفتار کا گُفتار کا کِردار کا دے دے        ہر عُضْو کا دے مجھ کو خُدا قُفْلِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اِجتماعي اِعتڪاف جي دعوت عام ڪريو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رَمَضانُ المبارَڪ کي نيڪين ۾ گذارڻ ۽ ان کي ”خوش آمديد“ چوڻ جو طريقو هي به آهي ته اسان هن مبارڪ مهيني ۾بالخصوص مدني قافلن ۾ سفر جي ذريعي مسلمانن کي نيڪي جي دعوت ڏيون، بُرائي کان منع ڪريون، رمضان المبارڪ جا فضائل ٻڌائي انهن کي فرض روزو رکڻ جو مدني ذهن ڏيون، خوب خوب اِنفرادي ڪوشش ڪريون ڄڻ ته اسان جي اجتماعي ۽ اِنفرادي ڪوشش سان ٿيندڙ ”اِستقبالِ رمضان“ جون اهڙيون برڪتون ظاهر ٿين جو هر پاسي روزن جون مدني بهارون اچي وڃن۔ مدني قافلي جي جدول ۾ ”فيضانِ رمضان“ مان مسجد ۽ چوڪ درس وغيره جو سلسلو ٿئي، مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل پمفلٽ ”رمضان ۾ گناه ڪرڻ واري جو ڀيانڪ انجام“ گھر گھر تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪريو، زهي نصيب! هٿو هٿ ان عاشقانِ رسول کي دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري سڄي