Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ گُناھن جو زور گھٽجي ويندو آهي۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ صَبر جو مهينو آهي۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ رَحمتن ۽ بَرڪتن ڀريو مهينو آهي۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ بخشش جا پروانا تقسيم ٿيندا آهن۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ اَعضاء کي بُرائين کان بچائڻ گھڻو ضروري آهي۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡهم اَجْمَعِين ڪثرت سان قرآن جا ختما ڪندا هئا۔ اللہ  پاڪ رَمَضان المبارَڪ جي صَدقي ۾ اسان کي به هن مهيني ۾ خوب خوب عبادت ۽ رِياضت ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں     نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اِعتِڪاف جون سُنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! اِعتڪاف جون ڪجھ سُنّتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا۔ اچو! پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵