Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

قدر بُري ٿي چڪي آهي جو رَمَضان المبارَڪ ۾ به ٻين کي ستائڻ، تڪليف ڏيڻ ۽ لڙائي جھڳڙو ڪرڻ جا ڄڻ ته بهانا ڳولهيندا وتن۔ جيڪڏهن ڪو اسان کي گار

 ڏي يا ڪنهن به طرح جي تڪليف پهچائي توڙي جو اسان حق تي ئي ڇو نه هجون ته ان کي رضاءِ الٰهي جي خاطِر معاف ڪرڻ بدران ان سان لڙائي (Fight) ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهيون۔ بلڪه ڪو ڪنهن سان وڙهي به پوندو آهي ته هُو ڪاوڙ مان هيئن چوندو آهي۔”چپ ٿي وڃ! نه ته ياد رکجانءِ مان روزي سان آهيان ۽ روزو توسان ئي کوليندس“ يعني توکي کائي ڇڏيندس۔ (مَعاذاللهعَزَّوَجَلَّ)

 ياد رکو! اهڙي قسم جي ڳالهه هرگز زبان مان نه ڪڍڻ گهرجي جيڪا ڪنهن مسلمان جي دل آزاري ۽ تڪليف جو سبب ٿيندي هجي، بلڪه عاجزيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔ انهن سمورين آفتن کان اسان رُڳو انهيءَ صورت ۾ بچي سگهون ٿا جو پنهنجي عضون کي به گناهن کان بچائيندي روزي جو پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون۔ جيئن ته فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: صِرف کائڻ ۽ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ جو نالو روزو نه آهي بلڪه روزو ته هي آهي ته لَغو ۽ بيهوده ڳالهين (يعني اها ڳالھ جنهن جي ڪرڻ ۾ اللہ  پاڪ جي نافرماني آهي ان) کان بچيو وڃي۔ جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي گار ڏي يا توهان سان بُرو سُلوڪ ڪري ته چئي ڇڏيو ”مان روزي سان آهيان“۔

                    (مُستَدرَڪ،ڪتاب الصوم،باب من افطر في رمضان ناسيا الخ ، ۲/ ۶۷ ،حدي ث:۱۶۱۱)

اچو! هاڻي عضوئن ذريعي ٿيندڙ گناهن جا ڪجھ مثال مُلاحَظه ڪريو، جيئن ته

اک جو گناهه

اک جو گناھ هي آهي ته هن کان اللہ  پاڪ جون حرام ڪيل شيون ڏسڻ، تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته هو پنهنجي اکين کي حرام ڏسڻ کان بچائي ۽ اک جو روزو رکي، اهڙي طرح جو اک جڏهن به کڻي ته صِرف ۽ صِرف جائز ڪمن ئي ڏانهن کڻي۔ اک سان مسجِد ڏسي، قرآنِ ڪريم ڏسي، مزاراتِ اَوليا جي زيارت ڪري، عُلَماءِ ڪرام، مَشائخِ عُظّام ۽ اللہ  ڪريم جي نيڪ ٻانهن جو ديدار ڪري، ڪعبي شريف جا اَنوار ڏسي، مڪي شريف جون خوشبودار