Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

مهڪندڙ گهٽيون (Streets) ڏسي، گمبذِ خضرٰي جو نوراني جلوو ڏسي۔

ڪن جو گناھ

ڪنن جو گناھ هي آهي ته انهن سان انهن ڳالهين کي ٻڌڻ جن کان اللہ  ڪريم منع ڪيو آهي، لهٰذا هرگز هرگز ڪنن سان گانا باجا ۽ موسيقي نه ٻڌي، ڪوڙا لطيفا نه ٻڌي، ڪنهن جي غِيبَت، چُغلي ۽ ٻين جا عيب نه ٻُڌي، جڏهن ٻه ماڻهو لڪي ڳالھ ڪن ته ڪن لڳائي نه ٻڌي۔ ڪنن جو روزو رکي! اهو هيئن جو صرف ۽ صرف جائز ڳالهيون ٻڌي، مثال طور ڪنن سان تلاوت، حمد و نعت ۽ بزرگن جون منقبتون، سُنّتن ڀريا بيان ۽ مدني مذاڪرا ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌو، اَذان ۽ اِقامت ٻُڌو ۽ ٻڌي ڪري جواب به ڏيو وغيره۔

زبان جو گناھ

زبان جو گناھ هي آهي ته هن سان ڳالهيون ڪرڻ جيڪي اللہ  ڪريم جي ناراضي جو سبب ٿين، ان ڪري گار گند، ڪوڙ، غِيبَت، چُغلي وغيره کان زَبان کي ناپاڪ ٿيڻ کان بچايو۔ اي ڪاش! زَبان صِرف ۽ صِرف نيڪ ۽ جائز ڳالهين جي لاءِ ئي حَرَڪت ۾ اچي، مثال طور زَبان سان تلاوتِ قرآن ڪريو، ذِڪر و دُرُود جو وِرد ڪريو۔ حَمد ۽ نعت شريف پڙھو، دَرس ڏيو، سُنّتن ڀريو بيان ڪريو، نيڪي جي دعوت ڏيو وغيره۔

هٿ جو گناھ

هٿن کي ربِّ ڪريم جي نافرماني ۾ استعمال ڪرڻ هٿن جو گناھ آهي، تنهنڪري اسان جي اها ئي ڪوشش هجي ته ڪنهن تي ظلماً هٿ نه کڻون، رِشوت ڏيڻ وٺڻ جي لاءِ نه اُٿن، نه ڪنهن جو مال چوري ڪيون، نه تاس کيڏون نه پتنگ اُڏايون، نه ڪنهن نامحرم عورت سان مصافحو ڪريون۔ (بلڪه لذّت اچي ته اَمرد سان به هٿ نه ملايون)۔ جڏهن به هٿ کڻون، صِرف نيڪ ڪمن جي لاءِ کڻون، مثال طور باوُضو قرآنِ ڪريم کي هٿ لڳايو، نيڪ ماڻهن سان مصافحو ڪريو وغيره۔

پيرن جو گناھ