Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

آهي جنهن تي اسان ان جو جيتري قدر شُڪر ادا ڪيون اهو گھٽ، گھٽ ۽ گھٽ آهي، هن مهيني جي اِبتدا کان پڄاڻي تائين بخشش ۽ برڪت جا پروانا تقسيم ٿيندا رهندا آهن، اهو ئي عظمتن ۽ رِفعتن وارو مهينو آهي جنهن ۾ ربِّ ڪريم اُمّتِ محمّديه کي 5 خُصوصي اِنعام عطا ڪيا آهن،

خاص پنج ڪرم

حضرتِ سيّدُنا جابر بن عبداللہ  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذيشان آهي: ”منهنجي امت کي رمضان جي مهيني ۾ پنج شيون اهڙيون عطا ڪيون ويون جيڪي مون کان پهريان ڪنهن نبي کي نه مليون۔ (1) جڏهن رمضان المبارڪ جي پهرين رات ايندي آهي ته اللہ  پاڪ انهن جي طرف رحمت جي نظر فرمائيندو آهي ۽ جنهن جي طرف اللہ  پاڪ رحمت ڀري نظر فرمائي ته ان کي ڪڏهن به عذاب نه ڏيندو۔ (2) شام جي وقت ان جي وات جي بوءِ (جيڪا بُک جي ڪري ٿيندي آهي) اللہ  تعاليٰ وٽ مُشڪ جي خوشبوءِ کان به بهتر آهي۔ (3) ملائڪ هر رات ۽ ڏينهن ان جي لاءِ مغفرت جون دعائون ڪندا رهندا آهن۔ (4) اللہ  تعالى جنّت کي حڪم ڏيندو آهي۔ منهنجي (نيڪ) ٻانهن جي لاءِ مُزَيَّن (يعني سينگارجي) وڃ عنقريب اهي دنيا جي مُشقت کان منهنجي گھر ۽ ڪرم ۾ راحت ماڻيندا۔ (5) جڏهن ماههِ رمضان جي آخري رات ايندي آهي ته اللہ  پاڪ سڀني جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو آهي۔ قوم مان هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين يارسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇا هي ليلة القدر آهي؟ ارشاد فرمايائون نه، ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته مزدور جڏهن پنهنجي ڪمن مان فارغ ٿيندا آهن ته انهن کي مزدوري ڏني ويندي آهي“۔(الترغيب والترهيب، الترغيب في صيام رمضان ۔۔الخ ، ۲/۵۶،حديث:۷)

بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں          پڑگئے دوزخ پہ تالے قَید میں شَیطان ہے

بھائیو بہنو! گناہوں سے سَبھی تَوْبہ کرو           خُلد کے دَر کُھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے