Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

آمدِ رَمَضان تي اِهتمام جو اَنداز

شَيخِ طريقت،اَميرِ اَهلسُنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مايه ناز تصنيف ”فَيضانِ سُنّت (جلداوّل)“ جي صَفحي نمبر 1434 تي نقل ڪن ٿا:

رمضان المبارڪ جي آمد آمد هئي ۽ مشهور مؤرخ (تاريخ لکندڙ) حضرت واقِدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ ڪجھ نه هيو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هڪ عَلَوي دوست ڏانهن اها چٺي موڪليائون، ”رمضان شريف جو مهينو اچڻ وارو آهي ۽ مون وٽ خرچ جي لاءِ ڪجھ به ناهي مون ڏانهن بطور قرضِ حسنه هڪ هزار درهم موڪليو۔ ته پوءِ