Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

ان عَلَوي هڪ هزار درهم جي ٿيلهي موڪلي ڏنائين۔ ڪجھ دير کان پوءِ حضرت وَاقِدِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ دوست جي چٺي حضرت واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏانهن آئي، ته ”رمضان شريف جي مهيني ۾ خرچ جي لاءِ مون کي هڪ هزار درهم جي ضرورت آهي۔“ حضرت واقِدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اها ئي ٿيلهي ان ڏانهن موڪلي ڏني۔ ٻئي ڏينهن اهو ئي علوي دوست جنهن کان حضرت واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قرض ورتو هيو ۽ اهو ٻيو دوست جنهن حضرت واقدي  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان قرض ورتو هيو ٻئي حضرت واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي گھر آيا۔ علوي چوڻ لڳو، رمضان المبارڪ جو مهينو اچي رهيو آهي ۽ مون وٽ ان هڪ هزار درهمن کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه هيو، پر جڏهن اوهان جي چٺي آئي ته مون هي هزار درهم اوهان کي موڪلي ڏنا ۽ پنهنجي ضرورت جي لاءِ پنهنجي هن دوست کي چٺي لکي ته مون کي هڪ هزار درهم قرض طور موڪلي ڏي۔ ان اها ئي ٿيلهي جيڪا مون اوهان کي موڪلي هئي، مون ڏانهن موڪلي ڏني ته خبر پئي ته اوهان مون کان قرض گھريو، وري مون پنهجي هن دوست کان قرض گهريو ۽ انهن وري اوهان کان گھريو ۽ جيڪا ٿيلهي مون اوهان کي موڪلي هئي اها توهان هن کي موڪلي ڇڏي ۽ ان اها ٿيلهي مون کي موڪلي ڏني۔ پوءِ هنن ٽنهي بزرگن اتفاق راءِ سان ان رقم جا ٽي حصا ڪري پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيا۔ انهيءَ رات حضرتِ سيّدُنا واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خواب ۾ جناب رسالت مآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي زيارت ٿي ۽ فرمايائون، سڀاڻي توهان کي گھڻو ڪجھ ملي ويندو۔ اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن امير يَحۡيى برمڪي سيّدُنا واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي گھرائي پُڇيو، ”مون رات خواب ۾ توهان کي پريشان ڏٺو آهي ڇا ڳالهه آهي؟ حضرت سيّدُنا واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄو قصو ٻُڌايو ته يَحۡيى برمڪي چيو،” مان هي نٿو چئي سگهان ته اوهان ٽنهي مان ڪير وڌيڪ سخي آهي؟ بيشڪ اوهان ٽئي سخي ۽ واجب الاحترام آهيو۔ پوءِ ان ٽيهه هزار درهم حضرت واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ۽ ويهه ويهه هزار انهن ٻنهي کي ڏنا ۽ حضرت واقدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي قاضي (Judge) به مقرر ڪري ڇڏيو۔ (حُجَّة الله عَلَي الْعٰلَمِين، ص ۵۷۷ مُلَخَّصاً)