Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

جي لاءِ استغفار ڪندا آهن ۽ جبريل (عَـلَيْـهِ وَالـسَّلَام) شبِ قدر ۾ ان جي لاءِ استغفار (يعني بخشش جي دعا) ڪندا آهن۔“ (معجم ڪبير،۶/۲ ۶ ۲،حديث:۶۱۶۲ )

هڪ ٻي هنڌ تي فرمايائون: جيڪو روزيدار کي پاڻي پياريندو اللہ  ڪريم ان کي منهنجي حوض مان پياريندو، ۽ هو جنّت ۾ داخل ٿيڻ تائين اڃارو نه ٿيندو۔  (صحيح ابن خُزَيمه، ڪتاب الصيام،باب فضائل شھر رمضان ۔۔الخ ، ۳/ ۱۹۱ ،حديث:۱۸۸۷)

جب گرمیِ حَشْر ہو زوروں پر،      اُس وَقْت تمنّا ہے سَروَر!

ہم پیاس کے ماروں کو کوثر،                          کے جام پہ جام پِلاتا رہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَدَني يعني قَمَري مهينن ۾ رَمَضان المبارَڪ کي جيڪا اَهمِّيت ۽ فضيلت حاصِل آهي، اها ڪنهن به عقلمند کان لڪيل ناهي، هي اهو عظيمُ الشَّان مهينو آهي جنهن جو مسلمانن کي سڄو سال اِنتظار رهندو آهي۔ هن مبارَڪ مهيني جي اچڻ سان مسلمانن ۾ خوشي وڌي ويندي آهي، مسلمانن ۾ عبادت ۽ رِياضت جو ذَوق ۽شَوق پهرين کان وڌي ويندو آهي ۽ گناهن جو زور گھٽجي ويندو آهي، مسجدون آباد ٿي وينديون آهن، سَحَري ۽ اِفطاري جي رونقن کي ڏسي دل باغ باغ ٿي ويندي آهي،خوش نصيب مسلمان ربِّ ڪريم جو ڪلام ٻڌڻ ۽ سُنّت جي ادائيگي جي نِيت سان تراويح جي ادائيگي ۾مصروف ٿي ويندا آهن، ذِڪر و دُرُود جي ڪثرت ڪئي ويندي آهي، راھ خدا ۾خَرچ ڪرڻ جو جذبو وڌي ويندو آهي،غريبن ۽ مسڪينن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي ۽ هن کان عِلاوه کوڙ نيڪ ڪم سَراَنجام ڏنا ويندا آهن۔  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هي اهو با بَرَڪت مهينو آهي جنهن جون فضيلتون ۽ بَرڪتون اسان جي پياري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبانِ حقِّ تَرجُمان سان بَيان ڪيون آهن، جيئن ته