Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ، اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔ اچو! تَرغِيب خاطر چوڪ دَرس جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا جيئن ته

وفات کان پهريان توبه نصيب ٿي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جي عَلائقي جي مسجد جي ٻاهران ”چوڪ دَرس“ ٿيندو هو۔ هڪ ڏينهن مَعمول مطابق چوڪ دَرس جي لاءِ اسلامي ڀائر تشريف فرما ٿيو ته آسپاس موجود ماڻهن کي دَرس ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، هڪ اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ويجھو ئي رِڪشا اسٽينڊ تي موجود چوڪيدار راجو ڀائي کي به دَرس ۾ شِرڪت جي دعوت پيش ڪئي۔ راجو ڀائي دَعوَت قبول ڪندي درسِ فَيضانِ سُنَّت ۾ شريڪ ٿيو۔ دَرس کان پوءِ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي رِقّت انگيز دُعا کان اڳ ۾ دَرس ٻڌڻ وارن کي اڳوڻن گناهن کان تَوْبه ڪرائي ۽ دُعا دوران حاضِرِين جي بخشش جي لاءِ به دُعا گھري۔ دُعا جي اِختتام تي دَرس ٻڌڻ وارن وڏي آوازِ سان دُرُودِپاڪ پڙھيو، راجو ڀائي دُرُودِ پاڪ پڙھندي آڱوٺا چُمي اکين (Eyes) سان لڳايا، وڏي آواز سان ڪلِمو شريف لَآاِلٰه اِلَّا الله مُحَمَّدٌ رَّسُولُ الله پڙھيو ۽ بي اِختيار زمين تي ڪري پيو۔ هڪ اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ان کي کنيو ته ڏٺائين ته ان وَقت هو پنهنجي خالِقِ حقيقي سان ملي چڪو هو۔

ہے تمنّائے عطارؔیاربّ!اُن کے جَلووں میں یُوں مَوت آئے

جھُوم کر جب گِرے میرا لاشہ تھام لیں بڑھ کے شاہِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

رَمَضان ۽ تلاوتِ قرآن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عام طور ڏٺو ويو آهي ته رَمَضانُ المبارَڪ جي اِبتدائي ڏينهن ۾ ته وڏي ذَوق وشَوق سان تلاوت ڪئي ويندي آهي پر بعد ۾ ڪيئي ماڻهو هن عظيم سعادت کان محروم ٿي ويندا آهن، اسان کي هن