Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

رَمَضَان جو  اِستِقبال ۽ مَحبوبِ رَحمٰن جو خطبو

حضرت سَيدُنا سَلمان فارِسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته ”رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ شعبان المعظم جي آخري ڏينهن اسان کي خطبو ڏنائون؛ ته ”اي انسانو! توهان وٽ عظمت وارو برڪت وارو مهينو اچي رهيو آهي۔ اهو مهينو جنهن ۾ هڪ رات (اهڙي به آهي جيڪا) هزار مهينن کان بهتر آهي۔ هن مبارڪ مهيني جا روزا اللہ  پاڪ فرض ڪيا آهن. ان جي رات ۾ قيام (يعني تراويح ادا ڪرڻ) سنّت آهي۔ جيڪو هن ۾ نيڪيءَ جو ڪم ڪري ته اهو ائين آهي جيئن ٻئي ڪنهن مهيني ۾ فرض ادا ڪيائين ۽ هن ۾ جنهن فرض ادا ڪيو ته اهو ائين آهي جيئن ٻين ڏينهن ۾ ستر فرض ادا ڪيائين۔ هي مهينو صبر جو آهي ۽ صبر جو ثواب جنّت آهي، هي مهينو غمخواري ۽ ڀلائيءَ جو آهي ۽ هن مهيني ۾ مومن جو رزق وڌايو ويندو آهي۔ جيڪو هن ۾ روزيدار کي افطار ڪرائي ته هي ان جي گناهن جي لاءِ مغفرت آهي،  ان کي باھ کان آزادي ڏني ويندي ۽ هن افطار ڪرائڻ واري کي اهڙو ئي ثواب ملندو جهڙو روزي رکڻ واري کي ملندو، بغير ان جي، جو اُن جي اجر ۾ ڪجھ گھٽتائي ٿئي۔“ اسان عرض ڪيو، يا رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان مان هر شخص وٽ اها شيء ناهي جنهن سان روزو افطار ڪرائي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: اللہ  تعالى هي ثواب (ته) ان (شخص) کي ڏيندو، جيڪو هڪ ڍُڪ کير يا هڪ کجور(کارڪ) يا هڪ ڍُڪ پاڻيءَ سان روزو افطار ڪرائي، هي اهو مهينو آهي جو جنهن جو اوّل (يعني شروعاتي ڏھ ڏينهن) رحمت، ۽ ان جو درميان (يعني وچيان ڏھ ڏينهن) مغفرت آهي ۽ آخر (يعني آخري ڏھ ڏينهن) جهنّم کان آزادي آهي۔ جيڪو پنهنجي غلام تي هن مهيني ۾ تخفيف ڪري (يعني ڪم گهٽ وٺي) اللہ  تعالى ان کي بخشي ڇڏيندو ۽ ان کي جهنم کان آزاد فرمائي ڇڏيندو، جنهن روزيدار کي پيٽ ڀري کارايو، اللہ  تعالى ان شخص کي منهنجي حوض مان هڪ اهڙو ڍڪ پيئاريندو جو(جنهن کي پيئڻ کان پوءِ) ڪڏهن اڃارو نه ٿيندو۔ ايتري تائين جو جنّت ۾ داخل ٿي وڃي۔

 (ابن خزيمه،ڪتاب الصيام،باب فضائل شھر رمضان ۔۔الخ ،۳ /۱۹۱،حديث:۱۸۸۷)