Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

آخري لَقب نالي سان ايتري ڪثرت سان چيو ويندو آهي جو ڄڻ نالي ئي جو حصو هجي۔ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها عورتن ۾ سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو، پاڻ خاتونِ جنت حضرتِ فاطمةُ الزهراء رَضِى الله تَعَالٰى عَنۡها جي والِده ماجِده ۽ نوجوانانِ جنت جي سردار حضراتِ حَسَنَينِ ڪرِيمَين رَضِى الله تَعَالٰى عَنهما جي ناني سائڻ آهن، پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها پنهنجي سڄي دولت حُضُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن تي قربان ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي سڄي ڄمار حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمَت ڪندي گذاري۔ سندن جي حَيات پاڪ ۾ رسولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن ٻي عورت کان نِڪاح نه ڪيائون۔ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها تقريباً 25 سالن تائين حُضور پرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شريڪ حيات رهيون ۽ اعلانِ نبوت جي ڏهين سال 10 رمضانُ المبارڪ جي مهيني ۾ وصال فرمايائون، وصال وقت سندن عمرِ مبارڪ65 سال هئي، پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها جَنَّتُ الْمَعْلٰي (مڪة المڪرمه) ۾ آرام فرما آهن۔ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنها جي سيرت جي باري ۾ مزيد معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”فيضانِ اُمَّهاتُ المُؤمِنين“ صفحي 31 کان 39 ۽ رسالو ”فيضانِ خديجة الڪبريٰ“ جو مطالعو فرمايو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب ۽ رسالي کي پڙهي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ(Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭ رَمَضانُ المبارَڪ جي مبارَڪ باد ڏيڻ سُنّتِ رسول آهي۔  ٭رَمَضانُ المبارَڪ ۾ روزيدارن کي روزو اِفطار ڪرائڻ ۽ پاڻي پيئارڻ جي وڏي فضيلت آهي۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ عبادت جو جذبو تمام گھڻو وڌي ويندو آهي۔ ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ نيڪين جو ثواب ڪيئي ڀيرا وڌايو ويندو آهي۔