Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

رمضان جي مهيني ۽ آخري عشري جي اِعتڪاف جي دعوت جو سلسلو به

 جاري رهي، بالخصوص عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه باب المدينه ڪراچي ۾ ٿيڻ واري عاشقانِ رمضان جي عظيم الشان ”سڄي رمضان جي مهيني جي اعتڪاف“ جي دعوت کي به عام ڪريو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي تحت دُنيا جي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ سڄي رَمَضان ۽ آخري عَشَري جي اِجتماعي اِعتِڪاف جي ترڪيب ٿيندي آهي، جنهن ۾ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ طرفان ڏنل جَدوَل مطابق اِعتڪاف ڪرڻ وارن عاشقانِ رَمَضان جي مَدَني تَرْبِيت جي ڪوشِش ڪئي ويندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اِجتماعي اِعتِڪاف ۾ هزارين اسلامي ڀائر مُعتڪف ٿي ٻين عبادتن سان گڏوگڏ عِلمِ دِين حاصِل ڪندا ۽ سُنّتن جي تَربِيت حاصل ڪندا آهن، ۽ ڪيئي مُعتَڪف رَمَضانُ المبارَڪ ختم ٿيڻ تي چنڊ رات جو ئي عاشقانِ رسول سان گڏ سُنّتن جي تربيت جي مَدَني قافلن جا مُسافِر بڻجي ويندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڪيئي عاشقانِ رَمَضان، هن اِعتڪاف جي بَرڪتن ۽ مَدَني بهارن کي وڌيڪ گڏ ڪرڻ جي لاءِ هٿو هٿ مَدَني قافِلن ۾ سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف مدني ڪورسِز (Courses) مثال طور ( اِصلاحِ اعمال ڪورس، 12مدني ڪم ڪورس، فيضانِ نماز ڪورس، اِمامت ڪورس، مدني تربيت ڪورس) وغيره ڪرڻ جي به سعادت حاصل ڪندا آهن۔

جَلوۂ یار کی آرزو ہے اگر        مَدَنی ماحول میں کرلو تم اِعْتِکاف

نیکیوں کا تمھیں خوب جذبہ ملے،      مَدَنی ماحول میں کرلو تم اِعْتِکاف

عمر آیندہ گزرے گی سُنّت بھری،     مَدَنی ماحول میں کرلو تم اِعْتِکاف

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ اَئِمَّه مساجد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي