Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

آهي۔ (2) خواص جو روزو: کائڻ پيئڻ ۽ جماع کان رڪيل رهڻ سان گڏوگڏ جسم جي تمام عضون کي بُرائين کان”روڪڻ“ خواص يعني خاص ماڻهن جو روزو

 آهي۔ (3) اَخَصُّ الخَواص جو روزو: پنهنجو پاڻ کي تمام ڪمن کان ”روڪي“ ڪري صرف ۽ صرف اللہ  ڪريم جي طرف متوجهه ٿيڻ، هي اخصُّ الۡخواص يعني خاص الخاص ماڻهن جو روزو آهي۔ (الجوهرة النيرة ،ڪتاب اصوم، ص 175)فيضان رمضان،ص۹۰ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! روزي جي حالت ۾ اسان کي جنهن ڳالھ جي گھڻي وڌيڪ ضرورت آهي اها هي آهي ته اسان کائڻ پيئڻ وغيره کان ”رُڪيل رهڻ“ سان گڏوگڏ پنهنجي بدن جي سمورن عضوئن (Body Parts) کي به روزي جو پابند بڻايون ۽ پاڻ کي هر قسم جي برائين کان بچايون۔ ڇوته جڏهن اسان رَمضانُ المبارَڪ ۾ روزو رکي ڏينهن جي وقت کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندا آهيون جڏهن ته هي کائڻ پيئڻ ان کان اڳ، ڏينهن جي وقت به بلڪل جائز هيو، سو پاڻ ئي سوچيو ته جيڪــي شيون رمضان شريف کان پهريان حلال هيون، اهي به جڏهن هن مبارڪ مهيني جي مقدس ڏهاڙن ۾ منع ڪيون ويون. ته جيڪي شيون رمضان شريف کان پهريان به حرام هيون، مثال طور: ڪوڙ، غيبت، چُغلي، بدگماني، گارگند، فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي، ڏاڙهي ڪوڙائڻ، يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ، والدين کي ستائڻ، بنا شرعي اجازت جي ماڻهن جي دل ڏکائڻ وغيره اهي رمضان المبارڪ ۾ ڇو نه اڃان به وڌيڪ حرام ٿينديون؟ هاڻي غور ڪيو، جيڪو شخص حلال ۽ پاڪ کائڻ، پيئڻ  ته ڇڏي ڏئي، پر حرام ڪم ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم بدستور (يعني اڳ جيان) جاري رکي۔ اهو ڪهڙي قسم جو روزيدار آهي؟ ياد رکو! نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي،”جيڪو بُري ڳالهه چوڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ نه ڇڏي ته ان جي بُکايل ۽ اُڃارو رهڻ جي اللہ  پاڪ کي ڪابه ضرورت ڪانهي. (بُخاري، ڪتاب الصوم ،باب من لم يدع قول الزور۔۔الخ،۱/ ۶۲۸،حديث:۱۹۰۳)

روزو توسان کوليندس!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! افسوس صد افسوس! بعض مسلمانن جي حالت ايتري