Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! رَمَضان جي شان ۽ عظمت ڪيتري قدر اعليٰ ۽ بُلند آهي جو هن ۾ اللہ  ڪريم جي رَحمت پنهنجي عُروج تي هوندي آهي، هئڻ ته ائين گھرجي جو مسلمان رَجَب جي مهيني کان ئي هن جي تَياري شُروع ڪن ۽ عبادت ۽ رياضت ڪري ربِّ ڪريم کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، پر افسوس! مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد ٻين مهينن وانگر هن مهيني کي به غفلتن ۾ گذاريندو آهي۔ رَمَضانُ المبارَڪ جي پاڪيزه راتين ۾ اسان جا ڪيترائي نوجوان محلي ۾ ڪرڪيٽ، فٽ بال وغيره رانديون کيڏندا آهن ۽ خوب هُل هنگامو ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح اهي بدنصيب پاڻ ته عبادت کان محروم رهندا ئي آهن پر ٻين جي لاءِ به بيحد پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻبا آهن. ياد رکو! اهڙي قسم جون رانديون اللہ  پاڪ جي ياد کان غافل ڪرڻ واريون آهن۔ نيڪ ماڻهو ته انهن راندين کان سدائين پري ئي رهندا آهن۔ پاڻ کيڏڻ ته ٺهيو، اهڙيون رانديون ۽ تماشا ڏسندا به ناهن بلڪه ان قسم جي راندين جو اکين ڏٺو حال (Commentary) به ناهن ٻُڌندا۔ تنهن ڪري اهڙين حرڪتن کان هميشه بچڻ گھرجي ۽ خاص طور تي رمضان المبارڪ جون بابرڪت گھڙيون ته هرگز هرگز اهڙيءَ طرح برباد نه ڪرڻ گھرجن۔

روزي ۾ وقت ”پاس“ڪرڻ

ڪافي نادان اهڙا به ڏٺا ويندا آهن جيڪي جيتوڻيڪ روزو ته رکندا آهن پر پوءِ انهن ويچارن جو وقت ”پاس“ ناهي ٿيندو۔ تنهن ڪري اهي به رمضان شريف جي احترام کي هڪ طرف رکي حرام ۽ ناجائز ڪمن جو سهارو وٺي ڪري وقت ”پاس“ ڪندا آهن ۽ ائين رمضان شريف ۾ شطرنج، تاس، لوڊو، گانن باجن وغيره ۾ مشغول ٿي ويندا آهن۔ ياد رکو! شطرنج ۽ تاش وغيره تي ڪنهن قسم جي بازي يا شرط نه به لڳائي وڃي تڏهن به اهي رانديون ناجائز آهن۔ بلڪه تاس ۾ جيئن ته جاندارن جون تصويرون به هونديون آهن۔ ان لاءِ اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنّت مولانا شاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تاس کيڏڻ کي قطعي طور