Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

ننڊ  اڏائڻ  جو  نرالو  انداز !

حضرتِ سَيدنا شيخ شِبليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: رِياضت جي شروعات ۾ جڏهن مون کي ننڊ ايندي هئي ته مان اکين ۾ لوڻ جي سرائي لڳائيندو هئس، جڏهن ننڊ گھڻو تنگ ڪندي هئي ته مان گرم سرائي اکين ۾ لڳائيندو هئس۔ حضرتِ ابراهيم بن حاڪم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي والدِ محترم کي جڏهن ننڊ اچڻ لڳندي هئي ته هو دريا ۾ لهي ويندا هئا ۽ اللہ  جي تسبيح ڪرڻ لڳندا هئا جنهن کي ٻڌي دريا جون مڇيون گڏ ٿي وينديون هيون ۽ اهي به تسبيح ڪرڻ لڳنديون هيون۔ حضرتِ سَيدنا وهب بن مُنبه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ننڊ اُڏائڻ جي لاءِ دُعا گھري ته اللہ  پاڪ ان جي دُعا قبول فرمائي ۽ انهن کي چاليھ سالن تائين ننڊ نه آئي ۔(مڪاشفۃ القلوب،ص۳۸)

اچو! هاڻي رات ۾ عبادت ۽ رِياضت بابت بُرزگانِ دين جا ڪجھ واقعا ٻڌو ۽ پنهنجي اندر عبادت جو شوق پيدا ڪريو۔ جيئن ته

عاجزي هجي ته اهڙي!

حضرت سيدُنا حبيب نجاررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ سڄو ڏينهن روزو رکندا هئا ۽ افطار جي لاءِ جيڪو کاڌو حاضر ڪيو ويندو هو اهو ٻين کي ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سڄي رات اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ بکايل ئي قيام ۾ گذاريندا ها۔ جڏهن صبح ٿيڻ لڳندي هئي ته عاجزي ۽ انڪساري سان بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪندا هئا: مان غفلت جي سمنڊن ۾ ٻڏل رهيس ۽ گناهن جي ميدانن ۾ هلندو رهيس۔ ياالٰهي! هي تنهنجو ذليل، گُنهگار ۽ بيمار ٻانهو تنهنجي ڪرم جي دروازي تي حاضر آهي ۽ توکان پناھ (Protection) جو طلب گار آهي۔( الروض الفائق،باب في النزيه و ذڪرالصالحين،ص ۲۴۶ ملخصا)