Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيتِ مبارڪه ۾’’ غيّ ‘‘  جو تذڪرو آهي ۽ ان مان مراد جهنم جي هڪ وادي آهي. صَدرُ الشَّرِيعَه، بَدرُ الطَّرِيقَه حضرتِ علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اَعظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه فرمائن ٿا: ’’غَیّ‘‘ جهنم جي هڪ وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ اونهائي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان ۾ هڪ کوھ آهي جنهن جو نالو ’’هَب هَب‘‘  آهي، جڏهن جهنم جي باھ وسامجڻ تي ايندي آهي ته اللہ  عَزَّوَجَلَّ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها (جهنم جي باھ) بدستور ڀڙڪڻ لڳندي آهي. اللہ  عَزَّ وَجَلَّ  ارشاد فرمائيندو آهي: ( كُلَّمَا خَبَتْ زِدْنٰهُمْ سَعِیْرًا(۹۷)) ترجمو ڪنزالايمان: جڏهن به وسامڻ لڳو ته اسان ان کي اڃان وڌيڪ ڀڙڪائينداسي. (پ۱۵، بني اسرآئيل:۹۷) هي کوھ بي نمازين ۽ زانين ۽ شرابين ۽ وياج خورن ۽ ماءُ پيءُ کي ايذاء ڏيڻ وارن جي لاءِ آهي۔  (بهارِشريعت،ج۱،ص ۴۳۴)

اِلٰہی ہوں بَہُت کمزور بندہ        نہ دُنیا میں نہ عُقبیٰ میں سزا ہو

جَهنَم جو عذاب ۽  دُنيا جون  تڪليفون

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خوفِ خُدا سان ڏڪي وڃو ۽ سچي پڪي توبه ڪري وٺو۔ ٿورو تصور ڪريو جڏهن ان خطرناڪ وادي ۾ بي نمازي کي وڌو ويندو ته ان جو ڇا ٿيندو۔ تنهنڪري عافيت انهيءَ ۾ آهي ته اسان فرضن جي پابندي سان گڏوگڏ نفلي عبادت جو شُوق به پيدا ڪريون۔ پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪريون ۽ تهجد، اشراق ۽ چاشت ۽ اَوابين جا نفل به ادا ڪريون، هر سال رمضان جا روزا رکون ۽ دوران سال نفلي روزن جو به اهتمام ڪريون، مالڪ نصاب هئڻ جي صورت ۾ زڪوٰۃ جي ادائيگي سان گڏوگڏ ٻين نيڪ ڪمن ۾ به پنهنجو مال خرچ (Expense) ڪرڻ جي عادت بڻايون۔ روزانو تلاوتِ قرآن، ذڪر ۽ دُرُود جو معمول بڻايون۔ گڏوگڏ پنهنجي دُشمن شيطان