Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

(6) عبادت جو شوق پيدا ڪرڻ جا وڌيڪ طريقا!

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عبادت جو شوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ چڱي صحبت اپنايو ڇوته نيڪ ماڻهن کي عبادت ۽ تلاوت ۾ مشغول ڏسي اسان جي اندر به عبادت جو جذبو پيدا ٿيندو۔ ان جي علاوه نالي ۽ نمائش جي لاءِ نيڪيون ڪرڻ جي عادت کي ڪڍي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ان سان اسان جي آخرت جو ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ صرف رضاءِ الٰهي جي لاءِ عبادت ڪريو  اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ ان جو دنيا ۾ به فائدو ٿيندو ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي نصيب ٿيندي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! 6رَجَبُ الْمُرَجَّب تي سلطانُ الهند حضرتِ سَيدنا خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مُبارڪ ملهايو ويندوآهي، عاشقانِ صحابه و عاشقانِ غريب نواز جي لاءِ خوشخبري آهي ته هن سال کان اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ   ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ تقريباً 2 ڪلاڪ  "اِجتماعِ يومِ غريب نواز" جو سلسلو ٿيندو، جنهن ۾ باقاعده جدول جي مطابق (تلاوت، حمد، نعت و منقبت، سُنّتن ڀريو بيان، دُعا ۽ صلوٰۃ وسلام جي) ترڪيب ٿيندي۔ هڪ ٻي خوشخبري هي آهي ته هفتيوار مدني مذاڪري جي علاوہ هن سال کان خصوصي اِهتمام سان رَجَبُ الْمُرَجَّب جا 6 مدني مذاڪرا به ٿيندا۔ اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ، اچو! انهيءَ مُناسبت سان سندن سيرت ِمُبارڪه بابت مختصر تعارف ملاحظه ڪريو، جيئن ته

نالو  ۽  نسب  ۽ مختصر  تعارف

      حضرت خواجه غريب نوازرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو حَسَن چشتي اَجميري آهي، اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِلادت 537ھ بمطابق1142 جو سِجِستان يا سِيستان جي علائقي سَنجر ۾ پاڪيزه ۽ علمي گھراڻي ۾ ٿي۔ (اقتباس الانوار، ص345 ، ملخصاً) اوهان رَحْمَةُ