Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

ته منهنجي والد ارشاد فرمايو: مان هڪ سفر ۾ ريگستان ڏانهن ويس ۽ ڪجھ ڏينهن اتي ترسيس، پر اتي مون کي پاڻي نه ملندو هو، جڏهن مون کي اُڃ جي سختي محسوس ٿي ته هڪ بادل(Cloud) مون تي ڇانو ڪئي ۽ ان مان مون تي برسات جهڙي هڪ شيء ڪِري، مان ان سان ڍاپجي ويس، پوءِ مون هڪ نُور ڏٺو جنهن سان آسمان جو ڪنارو روشن ٿي ويو ۽ هڪ شڪل ظاهر ٿي جنهن مان مون هڪ آواز ٻڌو: اي عبدُالقادِر! مان تنهنجو رَبّ آهيان ۽ مون توهان تي حرام شيون حلال ڪيون آهن، ته مون ’’اَعُوْذُ بِاللّٰه مِنَ الشَيطٰنِ الرَّجِيم‘‘ پڙھي چيو: اي شيطان لعين! پري ڀڄ ۔ ته روشن ڪنارو اونداهي ۾ بدلجي ويو ۽ اها شڪل دونهو بڻجي وئي، پوءِ ان مون کي چيو : اي عبدُالقادِر! تون مون کان پنهنجي عِلم، پنهنجي رَبّ جي حڪم جي ذريعي نجات ماڻي ۽ مون اهڙي طرح 70 مشائخن کي گمراھ ڪيو۔ مون چيو: اهو صرف منهنجي رَبّ جو فضل ۽ احسان آهي، شيخ ابُونصر موسيٰرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اوهان کان پڇيو ويو، اوهان ڪيئن سڃاتو ته هي شيطان آهي؟ پاڻ ارشاد فرمايائون: ان جي هن ڳالھ سبب ته بيشڪ مون تنهنجي واسطي حرام شين کي حلال ڪيو آهي۔

                              (بهجۃ الاسرار، ذڪر شي من اجوبته ممّا يدلّ ۔۔۔الخ، ص، ۲۲۸)(تفسيرِصراط الجنان ،پ۱۴الحجر تحت الآيۃ ۹۹، ۵/۲۷۴)

شہا نفسِ اماّرہ مغلوب ہو اب             ہو شیطان کا دُور شر غوثِ اَعظم

جنن ۽ انسانن جي پيدائش جو اصل مقصد:

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته شيطان ڪهڙي نموني اللہ  ڪريم جي نيڪ ٻانهن کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ پر اسان جو ڇا ٿيندو؟ هڪ ته اسان عبادت ڪريون نٿا ۽ جيڪڏهن ڪو نيڪ عمل ڪري به وٺون ته ان تي پاڻ پڏائيندا آهيون ۽ جيستائين چار ماڻهن اڳيان پنهنجي نيڪ نامي