Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي شريف سجائي ورتي ۽ مدني حُليو به اَپنائي ورتو آهي، ۽ الله عَزَّ وَجَلَّ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان ’’وقفِ مدينه‘‘(دعوتِ اسلامي جي ڪمن لاءِ پيش) ڪري ڇڏيو آهي۔

مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف        جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَاللہ عَزَّ  وَجَلَّ  اِعتراف

نفسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار     کہ ندامت  کے  سبب ہوگا گنہگار اشکبار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد 

عبادت جو ذوق پيدا ڪرڻ جا ڪجهه طريقا!

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان عبادت ۾ رغبت (شوق) جي لاءِ عبادت جون فضيلتون ۽ بُزرگانِ دين جا واقعات ٻڌي رهيا هئاسين ته انهن جا ڏينهن رات عبادت ۾ گذرندا هئا۔ اڄوڪي دؤر ۾ اسان جي اڪثريت عبادت کان پري ۽ گناهن ۾ مشغول ٿيندي پئي وڃي۔ اسان غور ڪريون ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جنهن جي نحوست اسان کي عبادت کان پري ڪندي پئي وڃي۔ جيڪڏهن عبادت ڪيون به ٿا ته ان ۾ به خشوع ۽ خضوع حاصل ناهي ٿيندو، عبادت ۾ دل ناهي لڳندو، ياد رکو! عبادت کان دوري جا ڪيئي سبب آهن جن ۾ مبتلا ٿي اسان پنهنجي زندگي جي اصل مقصد کي به وساري ويٺا آهيون، ان ۾ مصروف رهڻ سان نه ته ڪوئي دنياوي فائدو حاصل ٿيندو آهي ۽ نه ئي اهي سبب اسان جي آخرت جي لاءِ فائديمند ٿيندا۔ اچو! هاڻي عبادت ۾ لذت ۽ اِستقامت حاصل نه ٿيڻ جي سببن ۽ انهن جي علاج جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا، جيئن ته

(1) عبادت جو ذوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ دعا ڪريو! 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عبادت جو وڌيڪ شوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ بارگاھ