Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

عَرض ڪيو: يارسولَ اللہ !صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان ائين ڪري رهيا آهيو جڏهن ته اللہ  ڪريم اوهان جي سبب اوهان جي اڳوڻن ۽ پوئين جا گناھ بخشي ڇڏيا آهن! حضور پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشادفرمايو ’’اي عائشه!( رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها) اَفَلَا اَکوْنُ عَبْدًا شَکوْرًا ڇا مان اللہ  پاڪ جو شڪر گذار ٻانهو نه بڻجان۔‘‘

( مسلم، ڪتاب صفۃ القيامۃ والجنۃ والنار، باب اڪثار الاعمال والاجتهاد في العبادۃ، ص۱۱۴۸، الحديث:۷۱۲۶)

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايتري قدر عبادت ۽ رِياضت ڪندا هئا جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ قدم سُڄي پوندا هئا پوءِ به عبادت ۾ مشغول رهندا هئا۔ هڪ اسان آهيون جو سڄو ڏينهن ڪم ڪار ۾ مصروف رهون ٿا ۽ ان دوران جيتريون نمازون اچن ٿيون ان جي ادائيگي کان غافل رهون ٿا ۽ رات جو ٿڪاوٽ جو بهانو ڪري نمازِ عشاء پڙھڻ بغير غفلت جي ننڊ سمهي پوندا آهيون، واپار ۽ ملازمت تي وڃڻ جي لاءِ ته رات جو ئي الارم سيٽ ڪري وٺندا آهيون ته جيئن ليٽ نه ٿي وڃون پر افسوس! نمازِ فجر جماعت سان پڙھڻ جي لاءِ اهڙي ڪوشش ڇو نٿا ڪريون۔ ياد رکو! اسان مسلمان آهيون ۽ مسلمان تي سڄي ڏينهن ۾ پنج وقت جي نماز فرض آهي ۽ نماز ڇڏڻ وارو گنهگار ۽ عذابِ نار جو حقدار ٿيندو۔ اسان کي ته پنج نمازون سفر هجي يا گهر، سردي هجي يا گرمي، خوشي هجي يا غمي هر حال ۾ ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪوشش ڪري پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري سنت تي عمل ڪندي پنهنجي ننڊ جي قُرباني ڏئي رات ۾ به ڪجھ نه ڪجھ عبادت جو معمول بنائڻ گھرجي ته جيئن اللہڪريم جي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ٿي وڃون ڇوته رات جي وقت عبادت ڪرڻ اللہ ڪريم جي نيڪ ٻانهن جي تمام پياري صفت آهي جنهن کي ربِّ ڪريم