Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

ان کي اتي ئي ڇڏي ڏيندو هو بلڪه ڪجهه بزرگانِ دين ته نماز جي وقت ۾ اُجرت تي ٻارن ۽ اهلِ ڪتاب ذمين کي دُڪانن جي حفاظت تي مقرر ڪري پاڻ مسجد ۾ هليا ويندا هئا۔ (احياء العلوم ،ڪتاب آداب الڪسب والمعاش، باب في شفقۃ التاجر علي دينه ۔۔۔الخ۲/۱۰۸ملخصاً)

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت       ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی

میں پڑھتا رہوں سنتیں، وقت ہی پر                       ہوں سارے نوافل ادا یاالٰہی

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

(3) گھٽ کائڻ جي عادت بڻايو!

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عبادت ۾ رُڪاوٽ ۽ سستي جو هڪ سبب پيٽ ڀري کائڻ به آهي ڇوته اِنسان جڏهن خوب پيٽ ڀري کائيندو آهي ته ان جو بدن وزني ٿي ويندو آهي، اکين ۾ ننڊ ڀرجي ويندي ۽ عضوا سُست ٿي ويندا آهن، انسان ڪوشِش جي باوُجُود ڪو ڪم نٿو ڪري سگھي ۽ عبادت ۽ تلاوت ۾ سستي ٿي ويندي آهي ۔

       هن جو علاج هي آهي ته عبادت جي لذّت ماڻڻ جي لاءِ بک کان گھٽ کائڻ جي عادت (Habit) بڻايو،  اِنْ شَآءَ اللہ  عَزَّ وَجَلَّ عبادت ۾ سستي نه ٿيندي ۽ ان سان عبادت جو ذوق به وڌندو۔ اَميرُ المُؤ مِنين حضرت سيدُناصِدّيقِ اڪبر رَضِي اللہ  تَعَالٰي عَنْه جن هڪ ڀيري فرمايو: جڏهن کان مسلمان ٿيو آهيان ڪڏهن به پيٽ ڀري ناهي کاڌو، ته جيئن عبادت جي حَلاوت (مٺاس) نصيب ٿئي ۽ جڏهن کان مان مسلمان ٿيو آهيان ديدارِاِلهٰي جا جام پيئڻ جي شوق ۾ ڪڏهن به پيٽ ڀري ناهي پيتو۔ (منھاج العابدين،الفصل الخامس ،البطن وحفظه، ص۸۴) حضرتِ سيدُناابوسُليمان