Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

الٰهي ۾ دعا ڪريو ڇوته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به عبادت تي مدد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن طرح دعا گھرندا هئا: ’’اَللّٰهمَّ اَعِنِّي عَلٰي ذِکرِک وَشُکرِک وَحُسْنِ عِبَادَتِک ‘‘اي اللہ  ڪريم! تو پنهنجي ذِڪر، پنهنجي شڪر ۽ پنهنجي عبادت چڱي نموني ڪرڻ تي منهنجي مدد فرماءِ۔ (مصنف ابن ابي شيبه، ڪتاب الدعاء، امر النبي صلي اللّٰه عليه وسلم عمر بن الخطاب ان يدعوا به، ۷/۱۳۴، الحديث: ۲)

(2) دنيا جي محبت دل مان ڪڍي ڇڏيو!

      شوقِ عبادت کان دُوري جو هڪ سبب مال جي گھڻي مَحَبَّت ۽ هر وقت مال ۽ دولت ڪمائڻ جي ڌُن ۾ مصروف رهڻ آهي جنهن جي ڪري اسان حُقوقُ العِباد ۽ حُقُوْقُ اللہ  کان غافل ٿيندا پيا وڃون۔ ياد رکو! اهي سڀ دُنيا سان محبت جي نشاني آهي ته نماز ۾ به اسان ڪاروباري اُلجھنن جو شڪار ٿي عبادت جي حقيقي لذّت کان محروم رهون ٿا۔ حضرت سيدُنا عيسٰي رُوحُ الله عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جو اِرشاد آهي: جهڙي نموني مريض کي کائڻ سان لذّت محسوس ناهي ٿيندي اهڙي طرح دنيادار کي عبادت سان لذّت محسوس ناهي ٿيندي ڇوته جيڪو دُنيا جي محبت سان لذّت محسوس ڪري ٿو اهو عبادت جي لذّت نٿو ماڻي سگھي۔ (احياء العلوم ،ڪتاب ذم الدنيا ، باب بيان صفۃ الدنيا ، ۳/۲۶۴)

       هن جو علاج هي آهي ته پنهنجي دل مان دُنيا جي محبت ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪفايت موجب رزقِ حلال ڪمائڻ سان گڏوگڏ نماز ۽ ٻي عبادتن جي عادت بڻايو۔ اسان جا بزرگ سڳورا واپار به ڪندا هئا ۽ انهن ۾ به وڏا ڪامياب واپاري گذريا آهن پر ڪمائڻ ۽ واپار دوران جڏهن انهن جي ڪنن ۾ اَذان جو آواز ايندو هو ته سمورا ڪم ڪار ڇڏي مسجد ڏانهن هلڻ لڳندا هئا ايستائين جو جيڪڏهن ڪو لوهار هٿوڙو کڻندو هو يا موچي جوتي ۾ سُوئي وجھندو ته