Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

نماز ڇڏڻ تي به اسان بي چين ٿياسين؟ ڪنهن ڏينهن قرآنِ ڪريم جي تلاوت نه ڪرڻ تي به اسان کي افسوس ٿيو؟ ڪڏهن اِشراق ۽ چاشت ۽ تهجد جا نفل نه پڙھڻ تي به اسان غمگين ٿياسين؟

       ان جو علاج هي آهي ته ضرورت هجي ته سادو موبائل فون رکو يا اِنٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي لاءِ موبائل رکڻو هجي ته مزاحيه ۽ بيهوده ويڊيوز ڏسڻ ۽ مُوسيقي ٻڌڻ جي بدران مڪتبةُ المدينه جي بستي تان تلاوت ونعت ۽ اميرِ اهلسنت، نگرانِ شوريٰ ۽ ٻين مُبلغن جا سُنّتن ڀريا بيان مدني مذاڪرا ۽ فرض علوم ڪورس وارا ميموري ڪارڊ، ھديو ڏئي حاصل ڪريو، پاڻ به ڌيان سان ٻڌو ۽ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن ۾ به عام ڪريو، ان جي برڪت سان معلومات جو کوڙ خزانو هٿ ايندو ۽ گناهن کان پري رهندي عبادت جو شوق پيدا ٿيندو۔ اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ 

ہماری   بگڑی   ہوئی عادتیں  نکل جائیں        ملے گناہوں کے امراض سے شفا یارب

مجھے دے خودکو بھی اورساری  دنیاوالوں کو      سدھارنے کی تڑپ اورحوصلہ یارب

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد 

(5)عبادت جي  فائدن  کي  پيشِ  نظر   رکو!

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عبادت جو ذوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ رضاءِ الٰهي جي حصول سان گڏوگڏ ان جا دُنيوي ۽ اُخروي فائدن کي پيش نظر رکو ڇوته اهڙي طرح به عبادت جو شوق پيدا ٿيندو۔ جيئن والدِ اعليٰ حضرت، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عبادت ڪرڻ جا دنياوي ۽ اخروي ڪيئي فائدا بيان ڪيا آهن،