Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون

سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تری سنت کا مدینہ بنے آقا      جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نفلي روزن جا مدني گل

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! پنهنجي اعمال نامي ۾ اجروثواب وڌائڻ جي لاءِ نفلي روزن جون فضيلتون ۽ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهريان ٻه (2)فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه فرمايو: (1) ۔” جنهن ثواب جي اميد رکندي هڪ نفلي روزو رکيو اللہ  ڪريم ان کي دوزخ کان چاليهه سال (جو فاصلو) پري فرمائي ڇڏيندو“۔۔(ڪنْزُالْعُمّال ج۸، ص۲۵۵، حديث۲۴۱۴۸) (2) جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڏينهن جو نفلي روزو رکيو ۽ سڄي زمين برابر سون به ان کي ڏنو وڃي، تڏهن به ان جو ثواب پورو نه ٿيندو، ان جو ثواب ته قيامت ئي جي ڏينهن ملندو۔(ابو يعلي، ۵/۳۵۳، حديث۶۱۰۴) ٭ڪثرت سان نفل روزا رکڻ اسان جي پياري آقاصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سنت آهي۔ ٭ حضرت سيّدُنا سليمان عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ٽي ڏينهن مهيني جي شروع ۾ ٽي ڏينهن وچ ۾ ۽ ٽي ڏينهن آخر ۾ روزا رکندا هئا ۽ اهڙي طرح مهيني جي شروع، وچ، ۽ آخر ۾ روزيدار رهندا هئا۔ (ڪنْزُالْعُمّال ۸/۳۰۴حديث۲۴۶۲۴) ٭ ماءُ پيءُ جيڪڏهن پٽ کي نفل روزي کان ان لاءِ منع ڪن جو بيماريءَ جو انديشو آهي ته ماءُ پيءُ جي اطاعت ڪري۔ (رَدُّالْمُحتار ج۳ص۴۱۶) ٭ مڙس جي اجازت کان بغير گهرواري نفلي روزو نه ٿي رکي سگهي۔ (دُرِّمُخْتار،رَدُّالْمُحْتار



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵