Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مشهور لقبن ۾ مُعينُ الدّين، غريب نواز، سلطانُ الهنْد ۽ عطاءِ رسول شامل آهن۔ (معين الهند حضرت خواجه معين الدين اجميري، ص۲۰ ملخصاً) عِلم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شام، بغداد ۽ ڪرمان وغيره جو سفر به اِختيار ڪيو۔ زيارتِ حَرمين دُوران بارگاھ رِسالت صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان اوهان کي هند جي وِلايت عطا ٿي ۽ اتي دِين جي خدمت ڪرڻ جو حڪم مليو۔ (سيرالاقطاب، ص142،ملخصاً) اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي اَخلاق، ڪردَار ۽ گُفتَار سان ان خطّي ۾ اسلام جو نعرو بلند ڪيو۔ لکين ماڻهو سندن نگاھ فيض سان متاثّر(Impressed) ٿي اِسلام جي نُور ۾ داخل ٿي ويا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِصلاح ۽ تَبليغ جي ذريعي شاگردن ۽ خليفن جي اهڙي جماعت تيار ڪئي جنهن (پاڪ وهند) جي ڪنڊ ڪنڊ تائين خدمتِ دين جو عظيم فَرِيضو سَراَنجَام ڏنو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تحرير۽ تصنيف جي ذريعي به اِشاعتِ دين ۽ مخلوقِ خدا جي اِصلاح جو فريضو سراَنجام ڏنو۔ سندن تصنيفن ۾ اَنِيسُ الاَروَاح، ڪشفُ الاَسرَار، گَنجُ الاَسرَار ۽ ديوانِ مُعِين جو تذڪرو ملي ٿو۔ (معين الهند حضرت خواجه معين الدين اجميري ،ص۱۰۳تا ۱۰۶،ملتقطا) خواجه غريب نوازر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهڪم وپيش 45 سال سر زمينِ هند تي دينِ اسلام جي خدمت ۾ گذاريا۔ نيٺ عِلم و حڪمت ۽ نورِ هدايت جو اهو روشن چراغ 6 رجب627ھ تي اَجمير شريف (راجِستھان،هند) ۾هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ اَجميرشريف ۾ ئي سندن مَزارِ پُر انوار بَرڪتون لُٽائي رهي آهي۔

جو بھی سائل آجاتا ہے      من کی مرادیں پا جاتا ہے

میں نے بھی دامن ہے پسارا      یاخواجہ مری جھولی بھردو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

مجلسِ تفتيشِ قراءت و مسائل