Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

لعين کان به هوشيار رهون ڇوته جڏهن هو اسان کي ڏينهن رات انهن عبادتن ۾ مشغول ڏسندو ته ان راھ تان هٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، سُستي ڏياريندو ۽ اسان کي غافل ڪرڻ جي لاءِ مختلف حيلا بهانا به ڪندو پر اسان کي ثابت قدم رهندي پنهنجي عبادت تي ناز ڪرڻ بدران مرڻ گھڙي تائين عبادت تي اِستقامت جي دُعا ڪرڻي پوندي۔ اسان جي ربِّ ڪريم اسان کي آخري وقت تائين عبادت ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي:

وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹) (پ۱۴،حجر۹۹)

ترجموڪنز الايمان: ۽ پنهنجي رب جِي عبادت ڪندو رھ مرڻ جي گھڙي اچڻ تائِين.

ڪو ٻانهو عبادت کان بي نياز نٿو ٿي سگھي:

      بيان ڪيل آيتِ سڳوري تحت تفسيرصراطُ الجنان ۾ آهي ته ٻانهو چاهي ڪيترو ئي وڏو ولي بڻجي وڃي اهو عبادات کان بي نياز نٿو ٿي سگھي۔ جڏهن سيّدالمرسَلينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي آخري پساھ تائين عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،ته اسان ڪهڙي شمار۾آهيون۔ ان مان انهن ماڻهن کي نصيحت حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪي پنهنجو پاڻ کي تمام وڏي مقام ۽ مرتبي تي فائز سمجھي عبادت جي معاملي ۾ سُستي ڪندا آهن، انهن کي غور ڪرڻ کپي ته ڪٿي اهي شيطان جي خُفيه ۽ خطرناڪ وار جو شڪار ته نه بڻجي ويا ڇوته شيطان اهڙن وارن جي ذريعي وڏن وڏن مشائخن کي گمراھ ڪيو آهي ۽ انهيءَ وار جي ذريعي ان وَلين جي سردار، حضور غوثِ پاڪ، شيخ عبدُالقادِر جيلانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي به ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،

هي سڀ منهنجي رب جو فضل آهي

      حضرت شيخ ابونصرموسيٰ بن شيخ عبدُالقادِر جيلانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا