Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار مدني مذاڪرو“

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اللہ  ۽ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪامن مطابق زندگي گذارڻ، نماز، روزي ۽ نفلي عبادتن جي پابندي ڪرڻ ۽ بُزرگانِ دين جي سيرت تي عمل جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم هفتيوار مدني مذاڪروبه آهي۔ هن مدني ڪم جا بيشُمار ديني ۽ دُنيوي فائدا آهن، ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذِهن ملي ٿو۔٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات(Islamic Information) سان گڏ اَخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي ۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ! هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشُمار ماڻهو گناهن واري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔ اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ جي نِيت ڪريو. جيئن ته

 گناهن کان توبه ڪري ورتي!

      واه ڪينٽ (پنجاب،پاڪستان) جو اسلامي ڀاءُ معاشري جي کوڙ نوجوانن جيان کوڙ اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هو۔ فلمون ڊراما ڏسڻ، ،راند روند ۾ وَقت برباد ڪرڻ، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ۾ وقت برباد ڪرڻ ان جو پسنديده شوق هو۔ هڪ ڏينهن گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مدني مذاڪرو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي برڪت سان ان کي ڪافي سڪون مليو ۽ ان اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري فرض ۽