Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

بغير چراغ جي گھر روشن رهندو هو!

اِمام محمدبن سِيرين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڀيڻ حضرت حَفصه بن سيرين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها بصره ۾هڪ انتهائي عبادت گزار خاتون هيون، پاڻ سڄي رات نماز پڙھندي گذارينديون هيون ۽ نماز ۾ اڌ قرآنِ پاڪ تلاوت ڪنديون هيون۔ ڪڏهن ته پنهنجي نماز پڙھڻ واري هنڌ تي ايتري دير نماز ۾ بيٺل رهنديون هيون جو سندن چَراغ وسامي ويندو هو، پر اوهان لاءِ صُبح تائين (چراغ جي روشني جي بغير) گھر روشن رهندو هو۔(صراط الجنان، ۷/۵۳)

اي نفس تون ڪيترو سمهندين ؟

حضرتِ رَابعه بصريهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها جي پنهنجي وفات تائين سندن جي اها عادت رهي ته پاڻ سڄي رات نماز پڙھنديون هيون ۽ جڏهن فجر جو وقت قريب ٿيندو هو ته ڪجھ دير جي لاءِ سمهي پونديون هيون، پوءِ بيدار ٿي چونديون هيون: اي نفس! تون ڪيترو سمهندين ۽ ڪيترو جاڳندين، جلد ئي تون اهڙي ننڊ سمهي پوندي جو ان کان پوءِ قيامت جي صبح جو ئي بيدار ٿيندي۔ (روح البيان، الفرقان، تحت الآيۃ: ۶۴، ۶/۲۴۲)

 جاگنا ہے جاگ لے اَفلاک کے سائے تلے

حشر تک سوتا رہے گا خَاک کے سائے  تلے

 

رات ۾ عبادت ڪرڻ جا فائدا:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بُزرگانِ دين جي واقعن کي ٻڌي اسان جي دل ۾ به رَبِّ ڪريم جي عبادت جو شُوق پيدا ٿيو هوندو تنهنڪري اسان کي به ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته نمازِ عشاء باجماعت پڙھي ڪجھ دير آرام (Rest) ڪرڻ کان بعد سستي اڏائي رات جي وقت ڪجھ نه ڪجھ عبادت ۽ تلاوت جو