Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?
سيپاري19سُوْرَۃُ الْفُرْقان جي آيت نمبر 64 ۾ اهڙي نموني بيان فرمايو آهي :
وَ الَّذِیْنَ یَبِیْتُوْنَ لِرَبِّهِمْ سُجَّدًا وَّ قِیَامًا(۶۴) (پ۱۹،الفرقان:۶۴)
ترجمو ڪنزالايمان :۽ جيڪي رات گذاريندا آهن پنهنجي رب جي واسطي سجدي ۽ قيام ۾
اهڙي طرح سيپارو 21سُورَۃُ السّجدَه جي آيت نمبر 16 ۾ اِرشاد آهي:
تَتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّ طَمَعًا٘-وَّ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَ(۱۶)
(پ۲۱،السجده ۱۶)
ترجمو ڪنزالايمان: انهن جا پاسا جدا هوندا آهن سمهڻ جي جاين کان، ۽ پنهنجي رب کي پڪاريندا آهن ڊڄندي ۽ اميد ڪندي، ۽ اسان جي ڏني مان ڪجهه خيرات ڪندا آهن.
اهڙي طرح سيپاري 26 سُورَۃُ الذّٰرِيات آيت نمبر 17 ۽ 18 ۾ اِرشاد آهي:
كَانُوْا قَلِیْلًا مِّنَ الَّیْلِ مَا یَهْجَعُوْنَ(۱۷)وَ بِالْاَسْحَارِ هُمْ یَسْتَغْفِرُوْنَ(۱۸)(۲۱،السجدہ،۱۶)
ترجمو ڪنزالايمان : اهي رات ۾ ٿورو سمهندا هئا. ۽ پوئين رات بخشش گهرندا هئا.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيت سڳورين ۾ اللہ ڪريم جي نيڪ ٻانهن جي عبادت واري شوق کي بيان ڪيو ويو آهي ته جڏهن ماڻهو سمهي رهندا آهن ته اهي نيڪ هستيون پنهنجي رَبّ جي عبادت ۾ مشغول ٿي وينديون آهن۔ ياد رهي اَولياءِ ڪرام به ڏينهن ۾حلال ڪمائڻ جي لاءِ واپار (Trade) ڪندا هئا، پنهنجن ٻارن ٻچن جي تربيت به ڪندا هئا جڏهن سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کان پوءِ رات جي ننڊ هر هڪ کي پياري هوندي آهي پر اهي حضرات سمهڻ بدران پنهنجي رَبّ کي راضي ڪندا هئا ۽ توبه ۽ اِستغفار ڪندا هئا جيڪڏهن بشري تقاضي سبب ننڊ ايندي هئي ته مختلف طريقن سان ننڊ اڏائي وري عبادت ۾ مصروف ٿي ويندا هئا، جيئن ته