Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

ڪندي ڏسي اسان جي اندر به نيڪ بڻجڻ جي خواهش پيدا ٿي؟ ڇا ڪنهن کي مسجد ڏانهن ويندو ڏسي اسان کي به پنجئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ جو جذبو بيدار ٿيو؟ ڪنهن کي سُنّت مُطابق لباس پاتل، چهري تي ڏاڙھي شريف ۽ مٿي تي عمامو شريف سجائي ڏسي ڪڏهن مدني حُليو اپنائڻ جو جذبو بيدار ٿيو؟ ڪنهن کي مَدَني درس، مدني دُوري، هفتيوار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شريڪ ٿيندي ڏسي اسان کي به عِلمِ دين سکڻ جو شوق پيدا ٿيو؟ اي ڪاش! ٻين کي نيڪ ڪمن ۾ مشغول ڏسي اسان جي اندر به نيڪ بڻجڻ جو جذبو بيدار ٿي وڃي۔ جهڙي طرح دنيوي مُعاملن ۾ اسان دنيا دارن کي آئيڊيل بڻائيندا آهيون جيڪڏهن دِيني معاملي ۾ بُزرگانِ دين کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي هلون ته اسان جي دنيوي بهتري سان گڏوگڏ اِنْ شَآءَ الله الْعَز ِيز آخرت ۾ نجات جو سبب به بڻجي ويندو ۔

رات جي عبادت بخشرائي ڇڏيو!

      حضرت سَيدنا قَبِيصَه بن عُقبَهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مون حضرت سَيدنا سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سندن اِنتقال کان بعد خواب ۾ ڏسي پڇا ڪئي: مَا فَعلَ اللہ  بِک ۔ يعني اللہ  ڪريم اوهان سان ڪهڙو مُعاملو فرمايو؟ ته اُنهن جواب ڏنو ته مون پنهنجي ربِّ ڪريم جو ديدار ڪيو ته اللہ  ڪريم مون کي فرمايو: اي ابنِ سعيد! توکي مُبارڪ هجي، مان توسان راضي آهيان، ڇو ته جڏهن رات ٿي ويندي هئي ته تون لڙڪ ۽ رقتِ قلبي سان منهنجي عبادت ڪندو هئين، جَنّت تنهنجي اڳيان آهي جيڪو محل وٺڻ چاهيو وٺو ۽ تون منهنجي زيارت ڪندو رهه، ڇو ته مان توکان پري نه آهيان۔ (حليۃ الاولياء، سفيان الثوري ، ۷/۷۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد