Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?
معمول بڻايون ڇوته رات ۾ عبادت ڪرڻ جا وڏا فائدا آهن۔ اچو! تفسيرِ صراطُ الجِنان جي روشني ۾ ان جا ڪجھ فائدا ٻڌون ٿا۔
ياد رهي ته جيڪا عبادت جنهن وقت ڪرڻ فرض آهي ان کي ان وقت ئي ڪيو ويندو، البت نفلي عبادت رات ۾ ڪرڻ ڏينهن جي مُقابلي ۾ وڌيڪ فائديمند آهي، (1) ان وقت قرآن ِپاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ سمجھڻ ۾ وڌيڪ دِل جَمعي حاصل ٿيندي آهي ڇوته ان وقت گوڙ شور ناهي هوندو بلڪه سڪون ۽ اطمينان هوندو آهي جيڪو دِل جَمعي حاصل ٿيڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي۔ (2) ان وقت عبادت ڪرڻ ۾ ڪامل اخلاص نصيب ٿيندو آهي ۽ عبادت ۾ رِياڪاري، شهرت ۽ نمائش ۽ ڏيکاءُ ناهي هوندو ڇوته عام طور تي ان وقت ماڻهو بيدار نه هوندا آهن جنهن جي ڪري رِياڪاري جو موقعو ناهي هوندو۔ (صراط الجنان ۷/۵۲،ملتقطاً)
عبادت میں گُزرے مِری زِندگانی کرم ہو کرم یاخُدا یاالٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جي عملي حالت تمام گھڻي خراب ٿيندي پئي وڃي اسان دنيوي لحاظ کان هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون مثال طور ڪنهن جو عاليشان بنگلو ڏسي ان جھڙو ٺاهڻ جي خواهش ڪريون ٿا، ڪنهن کي بهترين ڪپڙو پاتل ڏٺو ته اهڙو پائڻ جي خواهش ڪريون ٿا، ڪنهن جي نئي ڪار يا ڪامياب ڪاروبار(Business) ڏسي وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي ۔ اسان دنيوي مال ۽ دولت جي مَحَبَّت جا اهڙا حريص بڻجي چڪا آهيون جو ڏينهن رات ان جي حُصول جي لاءِ آهون ڀريندي ۽ ڪوششون ڪندي ٿورو به ٿڪجندا نه آهيون۔ ڇا ڪهن ڪنهن کي نيڪيون