Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

نماز سان محبت ڪندڙ  ٻار

      سلِسله عاليه، قادريه، رضويه جي عظيم بُزرگ حضرت سيدُنا معروف ڪَرخي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهوٽ هڪ شخص حاضر ٿي عرض ڪيو: مون هن رات عجيب شيءَ ڏٺي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: ڇا ڏٺو؟ عرض ڪيائين: منهنجي گھر وارن کي مڇي کائڻ جي خواهش ٿي، مان بازار ويس ۽ مڇي خريد ڪيم، هڪ مزدور ٻار کي گڏ ورتو ته هو مڇي کڻي گھر تائين مون سان گڏ هلي۔ پوءِ هو مون سان گڏ هلڻ لڳو، واٽ ۾ جڏهن ان ظهر جي اَذان ٻُڌي ته مون کي چيائين: اي سائين! ڇا اوهان نماز نه پڙهندؤ؟ ڄڻ اوچتو ان مون کي غفلت مان بيدار ڪيو هجي، مون چيو: ها! ها! ڇو نه! ضرور پڙھنداسين ان مڇي وارو ٿانوَ مسجد جي دروازي تي رکيائين ۽ مسجد ۾ داخل ٿي ويو، مون پنهنجي دل ۾ چيو: هن ٻار ٿانوءَ کي نماز تي قُربان ڪيو ته ڇا مان مڇي قربان نٿو ڪري سگھان۔ هو نماز پڙھندو رهيو ايستائين جو اِقامت چئي وئي ۽ اسان جماعت سان نماز پڙھي۔ جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ٿانوء پنهنجي هنڌ موجود هو۔ مون گھر اچي اهو واقعو گھر وارن کي ٻڌايو ته گهروارا چوڻ لڳا: هن ٻار کي اسان سان گڏ مڇي کائڻ جي دعوت ڏيو، جڏهن مون ان کي دعوت ڏني ته ان چيائين: مان روزي سان آهيان۔ مون ان کي چيو: پوءِ توهان اسان وٽ روزو افطار ڪريو۔ ان چيائين: مون کي اوهان جي دعوت قبول آهي، اوهان مون کي مسجد جو رستو ڏيکاري ڇڏيو۔ مون ان کي رستو ڏيکاريو ته