Book Name:Ebadat Me Lazzat Kaise Hasil Ho ?

دَارانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، مان عبادت ۾ سڀ کان وڌيڪ مٺاس اُن وقت محسوس ڪندو آهيان جڏهن بک جي ڪري منهنجو پيٽ خالي هوندو آهي۔  (منھاج العابدين،الفصل الخامس ،البطن وحفظه، ص۸۴)

بُھوک کی اور پیاس کی مولیٰ مجھے سوغات دے

یا اِلٰہی !  حَشْر  میں  دِیدار  کی خیرات  دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

(4)موبائل ۽ انٽرنيٽ جو درست استعمال ڪريو !

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عبادت ۾ رُڪاوٽ ۽ دِل نه لڳڻ جو هڪ سبب اِنٽر نيٽ ۽ موبائل فون به آهي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو دُرست اِستعمال جتي بي شُمار فَائدن جي حُصول جو ذريعو آهي اتي ان جي غلط ۽ غير ضروري اِستعمال سان ڪيئي نُقصانن جو انديشو پڻ آهي جن مان هڪ تمام وڏو نقصان هي آهي ته ٻانهو نماز روزي، قرآن ڪريم جي تلاوت ۽ نفلي عبادت کان غافل ٿي پنهنجو وقت بَرباد ڪري ٿو۔ اڄوڪي زماني ۾ اسان جو نوجوان نَسل سوشل ميڊيا جو اهڙو عادي بڻجي چڪو آهي جو گھڙي کن لاءِ به اِنٽرنيٽ ۽ موبائل فون کي نٿو ڇڏي ۽ وقفي وقفي سان پنهنجي سمهڻ جاڳڻ، شاپنگ ڪرڻ، سٺو کائڻ پيئڻ، ڪنهن تقريب مثال طور شادي ۾ شرڪت ڪرڻ، پڪنڪ پوائنٽ (Picnic Point) تي وڃڻ، عجيب ۽ غريب حرڪتون ڪرڻ سيلفيون ڪڍڻ ۽ ٻين مُعاملن کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي دوستن ۾ شيئر ڪري وقت ۽ پيسو برباد ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔ ڪجهه ته موبائل ۽ اِنٽرنيٽ جا اهڙا دِيوانا آهن جو جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اِستعمال نه ڪري سگھن ته انهن جو سڄو ڏينهن بي چيني ۽ اُداسي ۾ گذرند آهي۔ غور ڪريو ته ڪڏهن