Book Name:Bap Aulad Ki Tarbiyat Kesay Karay

آهي جڏهن ان جو سلجھيل پٽ منشيات يا فحاشي جي اڏن تان گرفتار ٿي جيل جي سلاخن جي پويان هليو ويندو آهي۔ تنهنڪري پيءُ جي ذميداري صرف اها ئي ناهي ته پيسو بنائڻ جي مشين بڻجي خوب دولت گڏ ڪري ۽ پنهنجي اولاد کي سٺي کان سٺو کارائي پيئاري ۽ دنيا جي هر آسائش ۽ سهولت انهن کي مُهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بلڪ انهن جي سٺي پرورش سان گڏوگڏ انهن کي ديني تعليم سکائڻ، قرآن پڙھائڻ، فرض علوم سکائڻ، نبيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت سکائڻ، اَخلاق بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، نيڪين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ بُري صحبت کان بچائڻ به پيءُ تي لازم آهي، قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ به ان کان پڇيو ويندو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                     صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جن جا مدني مُنّا يا مدني مُنّيون مدرسة المدينه يا دارالمدينه ۾ پڙھندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن انهن جا والدين ان ڪري انهن جي تربيت ڏانهن گھٽ توجه ڏيندا هوندا ته هتي ته مدني ماحول آهي، استادن جي طرفان جيڪا انهن جي مدني تربيت ڪئي ويندي آهي اها ئي ڪافي ٿيندي، جيتوڻيڪ ائين ئي هجي، پر پوءِ به اهڙن والدين کي گھر ۾ پنهنجي اولاد جي مدني تربيت جي لاءِ وقت ڏيڻ گھرجي، انهن جي پڙھائي ۽ جيڪو ڪجھ سکيو هجي، وقتاً فوقتاً انهن کان به پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري رهڻ گھرجي، اسان جي بُزرگ سڳورن جي تربيت جو انداز ڪهڙو هوندو هو، اچو هن حڪايت مان اسان به مدني تربيت جا مدني گل چونڊڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا.