Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

علم هڪ عام اِنسان کي فرش کان عرش تائين پهچائيندو آهي، حُضُور شهنشاه بغداد، قُطب الاَقطاب، سرڪارِ غوثِ پاڪ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جو فرمان آهي: دَرَسْتُ الْعِلْمَ حَتّٰي صِرْتُ قُطُباً (يعني مان عِلم جو درس وٺندو رهيس ايستائين جو قُطبِيت جي مقام تي فائز ٿي ويس) (قصيدهٔ غوثيه، از غيبت جون تباه ڪاريون،ص:۴۹۵) اسان جو حُسنِ ظَن آهي ته سيدي قطبِ مدينه به الله عَزَّ وَجَلَّ جا ولي هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مدينه مُنوَّره زَادَهااللّٰه شَرَفًاوَّتَعْظِيماً ۾ مقامِ قطبيت تي فائز هئا، ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي جھان ۾ ”قُطبِ مدينه“ جي لقب سان ياد ڪيا ويندا هئا ۽ اڄ به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو اهو ئي لقب هر خاص و عام جي زبان تي آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ”قطبِ مدينه“ ڇو چيو ويندو آهي؟ سندن کي اهو لقب ڪيئن مليو؟ اچو هن حوالي سان هڪ اِيمان افروز واقعو ٻڌون ٿا:

قطبِ مدينه جو لقب

1949ء ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا پوٽا حَضرتِ علّامه مَولانا ابراهيم رضا خان جِيلاني ميان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مدينه مُنوَّره ۾ حاضري ٿي واپسي تي بريلي شريف ۾ پنهنجي گھر ۾ اهو واقعو ٻڌايو: مان حُضُور سرڪارِ ابدقرار صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديارِ پاڪ مدينه مُنوَّره ۾ حاضِر هئس، هڪ ڏينهن حَضرتِ مَولانا ضِياءُالدّين صاحِب قادِري رَضَوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي درِ دَولت تي حاضري ڏني، ان کان پوءِ حُضُور رحمت عالم صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُواجه شريف ۾ حاضر ٿيس ۽ دعا ڪئي ته حُضُور! اوهان جي ڪرم سان مدينه طيبه جي قُطب سان به مُلاقات ٿي وڃي؟ پوءِ جِيلاني ميان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ان کان بعد مان پنهنجي قِيام گاھ ۾ موٽي آيس ته ڏٺم حَضرت مولانا ضياءُ الدين صاحب تشريف وٺي آيا آهن، جيئن ته اهي تمام گھٽ