Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

انداز ۾ جواب اِرشاد فرمائي رهيا هئا، جنهن جي ڪري مان به توجُّهه سان مَدَني مذاڪرو ٻڌڻ لڳس، شيخِ طريقت، اميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي نصيحت آموز ۽ فڪرِ آخرت سان مَعمُور مَلفُوظات منهنجي دل جي دُنيا بدلائي ڇڏي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مون پنهنجي گناهن ڀري زندگي کان تَوبه ڪئي ۽ پنهنجو ويڊيو سينٽر هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي نيڪين جي شاهراه تي شامل ٿي ويس۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه مَدَني ماحول جي برڪت سان نمازِ پنجگانه جو پابند بڻجي ويس۔ پنهنجي چهري تي ڏاڙھي شريف ۽ مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجائي ورتو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دعوتِ اسلامي جا شُعبه جَات

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن و سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي هن وَقت ڪيئي نيڪ ڪمن ۾ دين جي خدمت ڪري رهي آهي: جُماديٰ الاُخريٰ1437ھ بمطابق مارچ 2016ء تائين جي معلومات مُطابق مُلڪ وبيرونِ مُلڪ ۾ دعوتِ اسلامي جي تحت سوين جامعاتُ المدينه (للبنين وللبنات) قائم آهن جن ۾ هزارين طلبه و طالبات درسِ نظامي ڪري رهيا آهن، ۽ هزارين مدارسُ المدينه (للبنين وللبنات) به قائم آهن جن ۾ ڪم وبيش هڪ لک کان وڌيڪ مدَني مُنّا ۽ مدَني مُنّيون حِفظ و ناظره جي مُفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔ مَدَني تربيت گاهون، مختلف تربيتي ڪورسز جي علاوه مَدَني چينل جيڪو بي شُمار مُسلمانن جي اِصلاح ۽ غير مُسلِمُن جي قَبُولِ اسلام جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ ان