Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

عشره ذوالحجه جا فضائل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عنقريب ذوالحجة الحرام جو مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، هن مهيني جي به ڇا ئي ڳالھ آهي، خاص طور تي هن جي ابتدائي عشري جي عظمت ۽ رفعت جي ڇا ڳالھ ڪجي! احاديثِ طيبه ۾ انهن ڏينهن جي هڪ روزي کي سڄي سال جي روزن جي برابر ۽ هڪ رات جي قيام کي شبِ قدر جي قيام جي برابر ٻڌايو ويو آهي، جيئن فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: الله عَزَّ وَجَلَّ کي عَشَرَه ذُوالحجَّه کان وڌيڪ ڪنهن ڏينهن ۾ پنهنجي عِبادت ڪرڻ پسنديده ناهي ان جي هر ڏينهن جو روزو هڪ سال جي روزن ۽ هر رات جو قِيام شبِ قَدر جي برابر آهي۔               (جامع ترمذي ج۲ص۱۹۲حديث۷۵۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو ته پهرين عشرهٔ ذوالحجه جون ڪيتريون برڪتون آهن، فيضانِ سنت ۾ لکيل آهي: بعض احاديثِ مُبارَڪه جي مطابِق ذُوالحَجَّةِ الْحَرام جو پهريون عَشَره (يعني اِبتِدائي ڏھ ڏينهن) رَمَضانُ المُبارَڪ کان پوءِ سڀني ڏينهن کان افضل آهي۔ (فيضانِ سنت، ص:۱۴۰۳) بلڪ ڏينهن ته رَمَضان کان به افضل آهن جڏهن ته راتيون رَمَضان جون افضل آهن۔ اسان کي کپي ته انهن ڏينهن کي فضوليات ۾ ضائع ڪرڻ جي بدران الله عَزَّ وَجَلَّ جي عبادت ۾ ئي بسر ڪيون، ڏينهن روزي ۾ گذاريون ۽ رات عِبادَت ۾ گذاريون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مهيني جي اِبتِدائي عشري ۾ روزانو نمازِ عِشاء کان پوءِ مَدَني مُذاڪرو به مَدَني چينل تي براه راست (Live) نشر ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي